Home / پاڪستان / احتساب عدالت نيب جي استدعا تي خورشيد شاهه کي 15 آڪٽوبر تائين جسماني ريمانڊ ڏنو

احتساب عدالت نيب جي استدعا تي خورشيد شاهه کي 15 آڪٽوبر تائين جسماني ريمانڊ ڏنو

سکر (بيورو رپورٽ) آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار خورشيد شاهه کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، وڏي انگ ۾ پ پ ڪارڪنن جي پهچڻ سبب پوليس ۽ نيب جي ٽيم کي ڏکيائيون پيش آيون. سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا. آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه کي سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. سندس پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرري ڪري عدالت ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي رڪاوٽون رکيون ويون.خورشيد شاهه جي پيشيءَ جي موقعي تي وڏي انگ ۾ ڪارڪن آيا ۽ پوليس جون رڪاوٽون ٽوڙي پهچي ويا، جنهن ڪري خورشيد شاهه کي عدالت تائين پهچائڻ ۾ دير ٿي، جڏهن ته ايم پي اي فرخ شاهه ۽ ميئر سکر سوڌو پ پ جا ڪارڪن سندس گاڏيءَ تي گُل نِڇاور ڪيا. خورشيد شاهه رمانڊ تي نيب حوالي اضافي نفري گهرائڻ بعد خورشيد شاهه کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ نيب سندس 15 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ جي درخواست ڏني، جڏهن ته ٻڌڻي دوران خورشيد شاهه استدعا ڪئي ته کيس گهر مان ماني گهرائڻ جي اجازت ڏني وڃي. عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٿوري دير ۾ جاري ڪيو ۽ خورشيد شاهه کي پهرين آڪٽوبر تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت ۽ وزيرن کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو مديني جي رياست ٺاهي رهيا آهن: جاويد اقبال

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته حڪومت ۽ وزيرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے