Home / انٽرنيشنل / والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان هڪ وڌيڪ نوجوان شهيد، ماٿري ۾ مڪمل هڙتال

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان هڪ وڌيڪ نوجوان شهيد، ماٿري ۾ مڪمل هڙتال

سرينگر ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 35 اي جي ٻڌڻي جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ حريت قيادت جي احتجاج جي اپيل تي ڀارت وائڙو ٿي ويو آهي، وڌيڪ 10 هزار فوجي والاريل وادي ۾ موڪلي ڇڏيا.  ڪشمير ميڊيا سروس موجب حريت قيادت خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون جاري آهي. گڏيل مزاحمتي قيادت ۾ سامل اڳواڻ ياسين ملڪ کي گذريل ڏينهن سرينگر مان گرفتار ڪيو ويو، کيس پنهنجي رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته قابض فورسز 200 کان وڌيڪ ڪشميرين کي به گرفتار ڪري ورتو.  والاريل ڪشمير ۾ آبادي جي لحاظ بابت آرٽيڪل 35 اي جي امڪاني ٻڌڻي تي حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني، مير واعظم عمر فاروق ۽ ياسين ملڪ طرفان احتجاج جي اپيل ڪئي وئي آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي والاريل واديءَ ۾ وڌيڪ 10 هزار فوجي موڪليا ويا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب حريت اڳواڻن جي گرفتارين ۽ آرٽيڪل 35 اي کي رد ڪرڻ جي ڪوششن خلاف اڄ مڪمل هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سرينگر ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. حريت اڳواڻن جي گرفتارين جي رد عمل ۾ مير واعظم عمر فاروق چيو ته والاريل وادي جو عوام آرٽيڪل 35 اي ۾ هيرا ڦيري قبول نه ٿو ڪري، ڪشميرين خلاف ڀارتي غير آئيني، پرتشدد قدمن سان زميني حقيقت تبديل نه ٿيندي، طاقت ۽ ڌمڪين سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير اڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو

سرينگر: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) والاريل ڪشمير اڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو جنهن جي لاءِ تياريون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے