نڪور خبرون
Home / پاڪستان / زهريلي سازش ٿي رهي آهي ،مولانا فضل الرحمان گرم جاءِ تي پير نه رکي: شيخ رشيد

زهريلي سازش ٿي رهي آهي ،مولانا فضل الرحمان گرم جاءِ تي پير نه رکي: شيخ رشيد

لاهور(م ڊ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪشمير تي اسان جي حڪومت خلاف زهريلي سازش ٿي رهي آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان ماڻهن کي ناموس رسالت تي گڏ ڪري رهيو آهي پر هن جو مقصد ڪجهه ٻيو آهي، پ پ ۽ ن ليگ مولانا فضل الرحمان سان گڏ نٿي هلي سگھي، اڳ به چئي چڪو آهيان ته پ پ ۽ ن ليگ فضل الرحمان سان گڏ نٿا هلي سگھن. عبدالغفور حيدري ذريعي مولانا فضل الرحمان کي پيغام موڪليو آهي ته گرم جاءِ تي پير نه رکي، هوشياري سان قدم رکي.شيخ رشيد چيو ته چين سان پاڪستان جي دوستي سمنڊ کان گھري ۽ هماليا کان بلند آهي، چيو پيو وڃي ته سي پيڪ، پيڪ ٿي ويو آهي، انشا ءَالله سي پيڪ ايم ايل ون بڻبو، سي پيڪ عمران خان جي دور ۾ ئي مڪمل ٿيندو. هن چيو ته اسان جي حڪومت خلاف زهيلو پروپيگينڊا ٿي رهيو آهي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي اڳواڻي ۾ ڪشمير جو ڪيس گھٽڻ طريقن سان اڳتي ويندو، سلامتي ڪائونسل ۾ 52 ورهين کان پوءِ ڪشمير جو مسئلو عمران خان کڻي ويو، جنگ جو فيصلو وزيراعظم ۽ آرمي چيف کي ڪرڻو آهي، پاڪستان تي حملو ٿيو ته پاڪ فوج تيار آهي، ڪنهن به حملو ڪيو ته اهو ختم ٿي ويندو.سياست ۽ جنگ ۾ پنهنجي ٽائيمنگ هوندي آهي، ڪشمير جي اندران تحريڪ اٿندي، پٿر استعمال ڪندڙ هاڻ ڪجهه ٻيو استعمال ڪندا. سندس چوڻ هو ته ظفر الله جمالي کي ان ڪري هٽايو ويو جو هو آمريڪا سان ون آن ون ملاقات ڪري رهيو هو، نواز شريف به جاتي عمرا ۾ مودي سان ون آن ون ملاقات ڪئي. اهو وقت به اچي سگھي ٿو جو لنڊن مان گرفتاريون ٿين ۽ انهن کي پاڪستان آندو وڃي.شهباز شريف جي سياست امتحان ۾ آهي، هو ڳالهيون ڪامياب ڪرائڻ جو وڏو حامي آهي، هن جي لچڪ آهي جڏهن ته نواز شريف ضد سبب معاملا خراب ڪندو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادو وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن چترال پهچي ويا، شاندار آڌرڀاءُ، کين ليڊي دائنا جي تصويرن وارو يادگار البم پيش

چترال (م ڊ) برطانوي شهزادو وليم ۽ سندس زال ڪيٽ مڊلٽن پاڪستان جي دوري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے