Home / انٽرنيشنل / ايران کي پندرنهن جڳهين تان نشانو بنائي سگهون ٿا: ڊونلڊ ٽرمپ

ايران کي پندرنهن جڳهين تان نشانو بنائي سگهون ٿا: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن /نيويارڪ(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي وڌيڪ پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ايران جي مرڪزي بينڪ تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.هن چيو ته هي ڪنهن به ملڪ تي لاڳو ڪيل سخت پابنديون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن مان چاهيان ته بيٺي بيٺي ايران کي 15 هنڌن تان نشانو بنائي سگهان ٿو.صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته  مان اوهان جي سامهون ائين ڪري سگهان ٿو پر ان سان سڀ ختم ٿي ويندو.، پوءِ اوهان وٽ رپورٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ اسٽوري اچي ويندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي حملو نه ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته مضبوط ماڻهو جي سڃاڻپ اهائي هوندي آهي ۽ جيڪا ڳالهه اوهان کي  مضبوط ثابت ڪندي آهي اها صرف اهائي آهي ته اوهان صبر جو مظاهرو ڪريو.هن ڇيو  ته ايران جي خلاف ٻيو رستو وٺڻ نهايت ئي آسان آهي. اها ڳالهه هنن کي سٺي طريقي سان خبر آهي جيڪڏهن هن ٻيهر شرارت ڪئي ته هو پنهنجو وقت ختم سمجهن.هوڏانهن خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي بچاءُ واري وزير مارڪ ايسپر پينٽاگون ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته آمريڪي صدر سعوي عرب ۾ وڌيڪ فوج موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان صوبي جلال آباد ۾ فائرنگ، 5 افغان شهري مارجي ويا، جاپاني ڊاڪٽر زخمي

جلال آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان جي اوڀرندي صوبي ننگر هار جي گادي واري شهر جلال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے