Home / شوبز / مان پاڻ عام انسان آهيان ۽ عام ماڻهن سان ئي رهڻ پسند ڪندي آهيان: شائسته لودهي

مان پاڻ عام انسان آهيان ۽ عام ماڻهن سان ئي رهڻ پسند ڪندي آهيان: شائسته لودهي

لاهور: (شوبز) ٽي وي ميزبان ۽ اداڪاره شائسته لودهي شوبز جي دنيا کي الوداع ڪري چڪي آهي جنهن کان پوءِ هن شوبز جي دنيا کي ڇڏڻ جو سبب به ٻڌائي ڇڏيو آهي. شائسته لودهي پاڪستان جي شوبز جي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل نالو آهي جنهن مارننگ شو ۾ ميزباني ڪرڻ سان گڏوگڏ ڊرامه انڊسٽري ۾ به پنهنجو ٽيلنٽ ڏيکاريو آهي.ڪجهه وقت اڳ شائسته لودهي شوبز جي دنيا مان پنهنجا رستا الڳ ڪري ڇڏيا هئا جنهن سبب سندس مداح ڪافي اداس ٿي ويا هئا ۽ اڄ به کيس ياد ڪري رهيا آهن. گذريل ڏينهن اداڪاره ۽ ميزبان شائسته لودهي کي يو ٽيوب جي مشهور ترين شو ريوائنڊ ود ثمينه پيرزاده ۾ گهرايو ويو جتي ميزبان ثمينه پيرزاده ان کان سوال ڪيو ته ڪهڙو سبب هو جو اوهان شوبز جي دنيا کي ڇڏي ڏنو.؟ جنهن تي شائسته لودهي ٻڌايو ته شوبز ۾ رهي پنهنجي فيملي کي اهو وقت نه پئي ڏئي سگهيس جيترو مون کي ڏيڻ گهرجي ها.ميزبان ثمينه پيرزاده شائسته لودهي کان پڇيو ته اوهان ان انڊسٽري ۾ پنهنجي زندگي جا 10 کان 12 سال گذاريا آهن جيڪڏهن اوهان پنهنجي پراڻي وقت ۾ واپس وڃي ڏسو ٿا ته ڇا ٿا سمجهون اوهان اتي ڇا وڃايو آهي.؟ شائسته لودهي جواب ۾ چيو ته ان سالن ۾ مون تمام گهڻو ڪم ڪيو، مان سمجهان ٿي ته مون ان سالن ۾ پئسا ته ڪمايا پر پنهنجو پاڻ کي وڃائي ڇڏيو. اسان هر شيءَ ريٽنگز حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪندا آهيون.مارننگ شو ۾ شادي کان وٺي هر مواد ريٽنگز تي ٻڌل هوندو آهي جنهن سان مان اتفاق نٿي ڪريان. اداڪاره ۽ ميزبان شائسته ٻڌايو ته شوبز مون کي تمام گهڻا فائدا ڏنا پر مان عام ماڻهن کان پري ٿي  وئي هئس. مان پاڻ عام انسان آهيان ۽ عام ماڻهن سان ئي رهڻ پسند ڪندي آهيان.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊرامه سيريل ”ميري پاس تم هو“ جو ڊائلاگ ”دو ٽڪي“ هر دوکو ڏيڻ واري لاءِ آهي: احسن خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اداڪار احسن خان چيو آهي ته ڊرامه سيريل ”ميري پاس تم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے