Home / رانديون / ڀارت سريلنڪن ڪرڪيٽرن کي پاڪستان اچڻ کان روڪيو: آفريدي

ڀارت سريلنڪن ڪرڪيٽرن کي پاڪستان اچڻ کان روڪيو: آفريدي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته پاڪستان جي دوري لاءِ سريلنڪن ڪرڪيٽرن تي انڊين پريميئر ليگ جي انتظاميا پاران دٻاءُ وڌو ويو.پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز 27 سيپٽمبر کان شروع ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ سريلنڪن ڪرڪيٽرن کي 25 سيپٽمبر تي پاڪستان پهچڻو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته پاڪستان سريلنڪا جي سدائين سپورٽ ڪئي آهي، پاڪستان جي سينيئر ڪرڪيٽرن ڪڏهن به سريلنڪا وڃڻ کان انڪار نه ڪيو، سريلنڪن سينيئر ڪرڪيٽرن کي به پاڪستان اچڻ گهربو هو.شاهد آفريدي سريلنڪن بورڊ کان مطالبو ڪيو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ وارن ڪرڪيٽرن کي پاڪستان موڪلڻ لاءِ راضي ڪري.سندس چوڻ هو ته جيڪو سريلنڪن ڪرڪيٽر پاڪستان ايندا انهن کي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.اڳوڻي ڪپتان انڪشاف ڪيو ته جڏهن به پي ايس ايل دوران سريلنڪن ڪرڪيٽرن کي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي دعوت ڏني ته انهن جواب ڏنو ته اسان پاڪستان ته اچڻ چاهيون ٿا پر انڊين پريميئر ليگ پاران پابند بڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن توهان پاڪستان ويا ته ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو ويندو. شاهد آفريدي چيو ته سرفراز احمد کي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته مصباح لاءِ ٻئي عهدن تي ڪم ڪرڻ هڪ چيلينج آهي، پر هو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندڙ انسان آهي. هن چيو ته يونس خان، محمد يوسف، عبدالرزاق ۽ شعيب اختر کي به انڊر 19 ٽيمن سان لڳائڻ گهرجي. پي سي بي جي حمايت جاري رکندس.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بابر اعظم هڪ سئو رنسون ٺاهيندڙ ٽيون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو

سڊني (اسپورٽس نيوز) بابر اعظم گابا ۾ هڪ سئو رنسون ٺاهيندڙ ٽيون پاڪستاني رانديگر بڻجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے