Home / سنڌ / چوهڙ جمالي ويجهو بئراج جي پل نه ٺهي سگهي، جنازو تختي تي پار، ڳوٺاڻن پاران پل ٺهرائڻ جي گهر

چوهڙ جمالي ويجهو بئراج جي پل نه ٺهي سگهي، جنازو تختي تي پار، ڳوٺاڻن پاران پل ٺهرائڻ جي گهر

چوهڙ جمالي(رپورٽر) چوهڙ جمالي ڀرسان دڙو بئراج تي پل نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻن هڪ ٻيو جنازو تختي تي رکي بئراج پار ڪرايو، ڳوٺ حسين ڪونجائي ۾ ڳوٺاڻي غلام مصطفي ڪونجائي جي 4 ورهين جي نياڻي شھزادي بيماري سبب وفات ڪري وئي، دڙو بئراج تي پل نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻن هڪ تختي نما ٻيڙي تي جنازو رکي دڙو بئراج پار ڪرائي قبرستان تي پهچايو. هڪ سال اڳ پڻ هڪ پيرسن محمد سومار ڪونجائي جو جنازو پڻ اهڙي ريت پار ڪرائي قبرستان تي پهچايو ويو هو، جنهن جو سنڌ جي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاھ نوٽيس وٺي دڙو بئراج تي پل قائم ڪرڻ جو حڪم نامون جاري ڪيو هو پر ان تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو. دڙو بئراج جي هن پار رهندڙ ڳوٺاڻا اڄ به ساڳئي عذاب ۾ مبتلا آھن، پر انهن جي دردن جو درمان نه ٿي سگهيو. دڙو بئراج جي ٻئي طرف ملاح، ڪونجائي، سمان، چانڊيا، داد، شيخ ، خاصخيلي برادري سميت مختلف برادرين جا وڏا ڳوٺ قائم آھن جيڪي روز هن تختي تان اڪري پنهنجي ڳوٺن طرف وڃن ٿا ڳوٺاڻن پاران بار بار شڪايتون ڪرڻ جي باوجود دڙو بئراج جي آرڊي 72 تي پل قائم نه ٿي سگهي آهي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت ۽ وزيرن کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو مديني جي رياست ٺاهي رهيا آهن: جاويد اقبال

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته حڪومت ۽ وزيرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے