نڪور خبرون
Home / شوبز / صبا قمر محبت ۾ ناڪامي تي خاموشي ختم ڪري ڇڏي

صبا قمر محبت ۾ ناڪامي تي خاموشي ختم ڪري ڇڏي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ڊرامه انڊسٽري جي اداڪاره صبا قمر پنهنجي ناڪام محبت جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو آهي ته مان جنهن شخص سان محبت ڪندي هئس ان کي ٻئي ڪنهن سان ڏسي خراب لڳندو آهي پر مان ان جي خوشي ۾ ئي خوش آهيان.اداڪاره صبا قمر جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي محبت ۽ ان کي حاصل نه ڪرڻ جو تجربو پنهنجي چاهيندڙن سان شيئر ڪندي نظر اچي رهي آهي. ڪوبه ماڻهو سوچي نٿو سگهي ته چيخ ۽ ۽ باغي جهڙن ڊرامن ۾ مضبوط عورت جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره صابر قمر اصل زندگي ۾ محبت ۾ ناڪامي جي تڪليف برداشت ڪري چڪي آهي.تازي انٽرويو دوران صبا چيو ته مان جنهن شخص سان محبت ڪندي هئس ان جي شادي کي به ڪيترائي سال گذري ويا آهن ۽ هاڻ ان جو هڪ پٽ به آهي. اوهان جنهن شخص سان محبت ڪندا هجو ان کي ڪنهن ٻئي سان گڏ ڏسي خراب لڳندو آهي.صبا قمر ان شخص جو نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. پر هن اهو ضرور ٻڌايو ته جنهن سان مان محبت ڪندي آهيان ان جو تعلق به شوبز انڊسٽري سان هو ۽ هو ماڊلنگ به ڪري چڪو آهي. صبا وڌيڪ چيو ته هيترا سال گذرڻ باوجود مان هن وقت به ان شخص سان محبت ڪندي آهيان.

 

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم انڊسٽري جو مشهور دور شروع ٿي چڪو آهي: ماهه نور بلوچ

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره ماهه نور بلوچ چيو آهي ته پاڪستان فلم انڊسٽري جو سنهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے