Home / پاڪستان / آصف زرداري ۽ فريال خلاف 4 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو امڪان

آصف زرداري ۽ فريال خلاف 4 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.عدالت فرد جرم جي لاءِ 4 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. احتساب عدالت ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي ذريعي ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي ريفرنس جي نقل فراهم ڪئي وئي.عدالت چيو ته ريفرنس جي نقل  فراهم ڪرڻ کان پوءِ ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن  مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. ان موقعي تي آصف زرداري جي وڪيل لطيف کوسه هڪ دفعو ٻيهر جيل ۾ اي سي جو معاملو اٿاريو ۽ چيو ته عدالت چيو هو ته اي سي ڏنو وڃي پر ان باوجود اڃان تائين اي سي ناهي ڏنو ويو. اوهان چيو هو ته فرج ڏيو پر هنن برف جا ڊٻا ڏنا آهن.وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اسان کي اڃا تائين ريفرنس جي ڪاپي به ناهي ملي. جنهن تي جج محمد بشير چيو ته ريفرنس جي نقل موجود آهي اوهان کي به هينئر ڏئي ٿا ڇڏيون. لطيف کوسي چيو ته اڄ اسان جي هڪ ٻئي ساٿي کي به اوهان جي آڏو پيش ڪرڻو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت ۽ وزيرن کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو مديني جي رياست ٺاهي رهيا آهن: جاويد اقبال

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته حڪومت ۽ وزيرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے