Home / پاڪستان / مخالف ڌر جو پارليامينٽ آڏو ۽ قومي اسصمبلي ۾ احتجاج، اسپيڪر جو گهيراءُ

مخالف ڌر جو پارليامينٽ آڏو ۽ قومي اسصمبلي ۾ احتجاج، اسپيڪر جو گهيراءُ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊرز جاري نه ڪرڻ  ۽ چونڊيل نمائندن جي گرفتارين خلاف گڏيل مخالف ڌر جو پارليامينٽ  هائوس  اڳيان احتجاج ڪيو اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊرز جاري نه ڪرڻ  ۽ چونڊيل نمائندن جي گرفتارين خلاف گڏيل مخالف ڌر جو پارليامينٽ  هائوس اسلام آباد  اڳيان احتجاج ڪيو.مخالف ڌر جي  ميمبرن حڪومت پاران اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اسلام آباد ۾  پارليامينٽ ٻاهران گڏيل مخالف ڌر اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف ،اڳوڻي صدر آصف زرداري،شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُالله ۽ خواجا سعد رفيق جون تصويرون  ڪرسين تي رکي احتجاج ڪيو.  احتجاج دوران مخالف ڌر جي ميمبرن حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مخالف ڌر پارليامينٽ ٻاهران احتجاجي ڪيمپ به لڳائي ڇڏي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ نويد قمر احتجاج ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته مشرف جي دور ۾ مخالف ڌر جي خلاف اهڙيون  ڪارروائيون نه ٿيون،جهڙيون موجودهه دور ۾ ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ايترا اسيمبلي ميمبر ڪڏهن به گرفتار نه ٿيا، جيترا هاڻ ٿيا آهن. نويد قمر چيو ته حڪومت مهانگائي جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي،عوام لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهي. هن چيو ته حڪمران طاقت جي نشي ۾ پاڻ  کي بادشاهه سمجهي رهيا آهن،پارليامينٽ جي ميمبرن کي پنهنجي تڪ جي عوام جي نمائندگي ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي. ن ليگ  اڳواڻ خواجا آصف ڳالهائيندي چيو ته اسان جو احتجاج قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي روئي خلاف آهي،پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪري ميمبرن کي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي. خواجا آصف چيو ته اسپيڪر کي خبر ئي نه آهي ته پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے