نڪور خبرون
Home / شوبز / ڏکويل سين رڪارڊ ڪرڻ تي اڪثر اداس ٿي ويندي آهيان: پريانڪا چوپڙا

ڏکويل سين رڪارڊ ڪرڻ تي اڪثر اداس ٿي ويندي آهيان: پريانڪا چوپڙا

ٽورنٽو(شوبز نيوز)بالي ۽ هالي ووڊ جي نامياري اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته شوٽنگ دوران ڏکويل سين رڪارڊ ڪرڻ تي اڪثر اداس ٿي ويندي آهيان. ڪينيڊا جي راڄڌاني ٽورنٽو ۾ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ شرڪت دوران پريانڪا چوپڙا هڪ خاص انٽرويو ڏيندي چيو ته فلمي دنيا خوشين سان گڏ ڏک به ڏنا آهن پر خوشين کي ياد رکندي آهيان ۽ ڏکن کي وساري ڇڏيندي آهيان. هن چيو ته زندگي جو ڀرپور دور گذري پيو مڙس سان خوش آهيان ڪجهه ماڻهن ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پريانڪا جو چوڻ هو ته بالي ووڊ ۾ منهنجا اڃا ڪيترائي پراجيڪٽ رهيل آهن جن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ جلد ممبئي وڃڻ چاهيان ٿي . هن چيو ته دي اسڪائي از پنڪ جو ٽورنٽو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ پريميئر شو مون لاءِ اعزاز آهي. دي اسڪائي از پنڪ 11 آڪٽوبر تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم انڊسٽري جو مشهور دور شروع ٿي چڪو آهي: ماهه نور بلوچ

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره ماهه نور بلوچ چيو آهي ته پاڪستان فلم انڊسٽري جو سنهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے