Home / پاڪستان / وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير سان آءِ ايم ايف وفد جي ملاقاتون، قدمن بابت آگاهي

وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير سان آءِ ايم ايف وفد جي ملاقاتون، قدمن بابت آگاهي

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سان آءِ ايم ايف جي وفد ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم جي معاونت جي لاءِ ناڻي وارو صلاحڪار، گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ ناڻي جو سيڪريٽري به موجود هئا. جڏهن ته آءِ ايم ايف وفد جي قيادت ڊائريڪٽر مڊل ايسٽ ۽ سينٽرل ايشيا جيهاد آزور ڪري رهيو هو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد جي مالياتي پيڪيج جي معاونت کان پوءِ حڪومتي قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته وزيراعظم حڪومت جي معاشي اصلاحاتي قدمن بابت وفد کي آگاهي ڏني.آءِ ايم وفد سان ناڻي واري صلاحڪار جي ملاقات:ٻئي طرف ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ سان به آءِ ايم ايف جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ قرض پروگرام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته ناڻي واري صلاحڪار آءِ ايم ايف وفد کي معاشي استحڪام جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني.آءِ ايم ايف وفد کي ٻڌايو ويو ته ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ واپاري خساري ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي موجوده سال نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ 1000 ارب روپيه حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي. سرڪاري ادارن جي نقصان ۾ گهٽتائي جي لاءِ نجڪاري جو عمل تيز ڪيو ويندو.ناڻي واري صلاحڪار چيو ته نجڪاري جي ايڪٽيو لسٽ ۾ وڌيڪ 10 ادارا شامل ڪيا ويا آهن غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي ۽ روينيو ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. موجوده سال معاشي ترقي جو حدف پورو ڪيو ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے