نڪور خبرون
Home / سنڌ / جعلي اڪائونٽس ڪيس، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه نيب آڏو پيش نه ٿيو

جعلي اڪائونٽس ڪيس، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه نيب آڏو پيش نه ٿيو

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ طلبي تي سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب ۾ پيش نه ٿيو. نيب ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ گذريل جي ڏينهن طلب ڪيو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته سيد مراد علي شاهه نيب جي آفيس ۾ پيش ناهي ٿيو هن ان حوالي سان پنهنجو جواب پهريان ئي جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. نيب ذريعن ٻڌايو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير ان کان اڳ به طلب ڪرڻ تي پيش نه ٿيو هو. ذريعن موجب نيب جي جي آءِ ٽي ۾ نيب جو رٽائرڊ آفيسر فاروق ميمڻ بطور ڪنسلٽنٽ رکيو ويو آهي.واضح رهي ته جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر به شامل آهن جيڪي اڳ ئي نيب جي حراست ۾ آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادو وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن چترال پهچي ويا، شاندار آڌرڀاءُ، کين ليڊي دائنا جي تصويرن وارو يادگار البم پيش

چترال (م ڊ) برطانوي شهزادو وليم ۽ سندس زال ڪيٽ مڊلٽن پاڪستان جي دوري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے