Home / انٽرنيشنل / افغانستان ۾ 2 آپگهاتي حملا، 29 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

افغانستان ۾ 2 آپگهاتي حملا، 29 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان جي مرڪزي صوبي پروان ۾ صدارتي چونڊن جي حوالي سان منعقد ڪيل ريلي دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ 24 ڄڻا مارجي جڏهن ته 31 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب افغانستان جي صحت اختيارين چيو آهي ته پروان ۾ صدر اشرف غني طرفان منعقد ڪيل چونڊ ريلي ويجهو ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو  مارجي ويا آهن. صوبائي اسپتال جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالقاسم سنگن موجب مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن، علائقي ۾ ايمبولنسز موجود آهن ۽ فوتگين ۾ واڌ جو خدشو آهي. اتر صوبي پروان جي ڇاراڪر اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر عبداقاسم چيو ته ان حملي ۾ 31 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن. هوڏانهن صدارتي مهم جي ترجمان حميد عزير چيو ته اشرف غني اتي موجود هيو پر هو محفوظ آهي ۽ کيس ڪو به نقصان ناهي پهتو ۽ هن ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل فراهم ڪرڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي پروان ۾ صوبائي گورنر جي ترجمان وحيده شاهڪار موجب ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن ريلي جاءِ جي داخلي رستي طرف وڃي رهي هئي. شروعاتي طور تي حملي ذميواري ڪنهن به قبول ناهي ڪئي. واضح رهي ته طالبان طرفان افغانين کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو ووٽ نه ڏين ڇو جو هو پولنگ اسٽيشنز ۽ چونڊ مهمن کي نشانو بڻائيندا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان صوبي جلال آباد ۾ فائرنگ، 5 افغان شهري مارجي ويا، جاپاني ڊاڪٽر زخمي

جلال آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان جي اوڀرندي صوبي ننگر هار جي گادي واري شهر جلال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے