نڪور خبرون
Home / رانديون / اسان سريلنڪا سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين: پي سي بي

اسان سريلنڪا سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين: پي سي بي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جي بيان جي رد عمل ۾ چيو آهي ته اسان سريلنڪن ڪرڪيٽ بورد جو بيان پڙهيو آهي، پر اسان سان ٽيم جي حفاظت تي انٽليجنس رپورٽ ناهي ڏني وئي. پي سي بي ترجمان جو چوڻ آهي ته پي سي بي سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي مڪمل حفاظت ۽ سيڪيورٽي جي عزم کي ورجائي ٿو، ان حوالي سان سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ سان مڪمل سهڪار جاري رکيو ويندو.خيال رهي ته سريلنڪن ٽيم پاڪستان ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچز 27، 29 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي ڪراچي جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي سيريز جون ٽئي ميچز 5، 7 ۽ 9 آڪٽوبر تي لاهور ۾ ٿيندي. ياد رهي ته ڀارت پاران سريلنڪن جي ڪرڪيٽرن کي پاڪستان جي دوري بابت ڌمڪائڻ جو انڪشاف ٿيو هو، پر سريلنڪا جي راندين واري وزير ترديد ڪئي هئي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپتان سرفراز احمد کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي: راشد لطيف

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف چيو آهي ته ڪپتان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے