Home / پاڪستان / جيل جي فرش تي سڪون آهي جيڪو عمران کي نه هوندو: راڻا ثنا

جيل جي فرش تي سڪون آهي جيڪو عمران کي نه هوندو: راڻا ثنا

لاهور  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته سڄي قوم نواز شريف سان گڏ بيٺل آهي ڪنهن قسم جي ڪا به  ڊيل نه ٿيندي. رانا ثناءُالله عدالت ۾ پيشيءَ کان اڳ جوڊيشل ڪامپليڪس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نالائق اعظم جي حڪومت پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ اهو سڀ ڪري رهي آهي، سڄي قوم نواز شريف سان گڏ بيٺل آهي، جيلن ۾ ظلم برداشت ڪرڻ کان پوءِ ڪهڙي ڊيل؟ نواز شريف حڪومت سان ڪا به ڊيل نه ڪندو، مون کي جيل جي فرش تي ايتري سڪون سان ننڊ ايندي آهي جو عمران خان کي وزيراعظم هائوس ۾ به نه ايندي هوندي. مسلم ليگ ن جا ڪارڪن ۽ حمايتي مارچ لاءِ نڪرن ۽ هن حڪومت جو خاتمو ڪن اها حڪومت ملڪ لاءِ ندامت جو سبب آهي. منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪيل پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير کي اي اين ايف جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي جوڊيشل ڪامپليڪس جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي جڏهن ته رانا ثناءُالله جي گھرواري، ناٺي رانا شهريار، پارانا اقبال ۽ رانا ثناءُالله جا وڪيل، اي اين ايف جا وڪيل به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا.  راناثناءُالله خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڊيوٽي جج خالد بشير ڪئي. ٻڌڻي دوران راناثناءُالله روسٽرم تي بيهي پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو ته وفاقي وزير منهنجي ويڊيو بابت بيان ڏنو اهو پيش ڪيو وڃي، عوام کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، جاچ آفيسر سان منهنجي ڳالهه ٻولهه به عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، روڊ تان گرفتار ڪري قيد ڪيو ويو ۽ عدالت ۾ خبر پئي ته مون وٽان هيروئن هٿ ڪئي وئي آهي. راناثناءُالله جي ضمانت واري دروخواست ۾ پيش ٿيندڙ  پراسيڪيوٽر صلاح الدين مينگل طبيعت خراب هجڻ سبب پيش نه ٿي سگھيو، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙو پراسيڪيوٽر راناثناءُالله جي ضمانت ۾ سرڪار طرفان پيش ٿيندو، ان کان پوءِ عدالت راناثناءُالله خلاف ڪيس جي ٻڌني 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے