Home / سنڌ / ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبائي خودمختياري تي ڪاري ضرب نه ٿي لڳائي سگهجي: رضا رباني

ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبائي خودمختياري تي ڪاري ضرب نه ٿي لڳائي سگهجي: رضا رباني

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي وفاقي سرڪار کان استعيفيٰ ۽ ملڪ ۾ نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبن جي خودمختياري تي راتاهو نٿو هڻي سگهجي. پ پ سينيٽر رضا رباني ۽ صوبائي وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ پارليامينٽ واضح پيغام ڏنو آهي ته وفاق جي صوبن جا پنهنجا حق آهن. 18هين ترميم کانپوءِ صوبائي خودمختياري تي ڪابه ڪاري ضرب نٿي لڳائي سگهجي. سندن چوڻ هو ته 149 (2) ۾ وفاق وٽ مداخلت جو اختيار هو، 18هين ترميم کانپوءِ اُنهي شق کي ڪڍيو ويو آهي. آرٽيڪل 149هاڻي رڳو هدايتن تائين محدود آهي ۽ هاڻي ڪارروائي ممڪن نه آهي. پ پ اڳواڻن چيو ته آرٽيڪل 149 تحت چيو وڃي ته هاڻي هو سڀ ڪجهه سنڀالي سگهن ٿا، اها آئين جي ڀڃڪڙي هوندي. وفاقي هدايتن کي به شق نمبر 3 ۾ محدود ۽ واضح ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي وفاقي سرڪار کان استعيفيٰ ۽ ملڪ ۾ نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اڳواڻن چيو آهي ته موجوده حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار جيڪو ڊرامو ڪري رهي آهي، اُهو آئين جي خلاف آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت ۽ وزيرن کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو مديني جي رياست ٺاهي رهيا آهن: جاويد اقبال

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته حڪومت ۽ وزيرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے