نڪور خبرون
Home / پاڪستان / صوبي جي ترقي جو رخ طئه ڪري ڇڏيو آهي: ڄام ڪمال

صوبي جي ترقي جو رخ طئه ڪري ڇڏيو آهي: ڄام ڪمال

سبي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته سخت محنت سان صوبي جي ترقيءَ جو رخ طئي ڪري ڇڏيو آهي، امن قائم ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ترقي لاءِ پرامن ماحول فراهم ڪرڻو پوندو  آهي. سبي ۾ ميلي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڄام ڪمال چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، امن قائم ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي فورسز تي فخر آهي. هن چيو ته ترقي جي عمل سان بلوچستان جي عوام کي ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، بلوچستان ۾ سٺي حڪومت هجي ها ته ايترا مسئلا پيدا نه ٿين ها. سندس چوڻ هو ته عوام کي صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪنداسين، ماضي ۾ حڪومتن جو سٺو طرز عمل هجي ها ته اڄ ايترا مسئلا نه هجن ها، ماڻهن جي زندگي ۾ سولائي پيدا ڪرڻ حڪومت جي اوليت آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے