نڪور خبرون
Home / رانديون / مصباح کي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مقرر ڪرڻ تي پي سي بي کان جواب طلب

مصباح کي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مقرر ڪرڻ تي پي سي بي کان جواب طلب

لاهورام ڊ)  لاهور هاءِ ڪورٽ مصباح الحق کي قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر بڻائڻ تي پي سي بي کان جواب طلب ڪري ورتو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مصباح الحق کي هيڊڪوچ ۽ چيف سليڪٽر بڻائڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مصباح الحق جي پگهار ۽ مراعتون رولز کان گهڻيون آهن ان ڪري سندس مقرري کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواستگذار جي استدعا تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس امير ڀٽي ريمارڪس ڏنا ته مصباح الحق اسان جي ملڪ جو اسٽار آهي ڇا ڪوچ نه ٿيڻ گهرجي، شڪريرو ڪريو هن ڀيري ڪوچ امپورٽ نه ڪيو ويو.ان کانپوءِ عدالت درخواستگذار جي استدعا تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان جواب گهري ورتو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپتان سرفراز احمد کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي: راشد لطيف

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف چيو آهي ته ڪپتان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے