نڪور خبرون
Home / شوبز / ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ فنڪار به مظفرآباد پهچي ويا

ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ فنڪار به مظفرآباد پهچي ويا

مظفرآباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ فنڪار ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مظفرآباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي جلسي ۾ پهچي ويا.ناليواري پاڪستاني اداڪار همايون سعيد سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ اداڪار جاويد شيخ، اداڪارا مايا علي، حريم فاروق، راڳي فاخر،  همايون سعيد ۽ شاهد آفريدي نظر اچي رهيا آهن.ان تصوير سان گڏ همايون سعيد پيغام ڏيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اعلان کانپوءِ اسان مظفرآباد طرف روانا آهيون، اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ڀينرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جلسي ۾ شامل هونداسين.ان اکن اڳ راڳي شهزاد راءِ به ٽوئيٽر تي پنهنجي ۽ شاهد آفريدي جي تصوير شيئر ڪندي چيو هو ته هو مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شاهد آفريدي سان گڏ مظفرآباد طرف روانو ٿي ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم انڊسٽري جو مشهور دور شروع ٿي چڪو آهي: ماهه نور بلوچ

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره ماهه نور بلوچ چيو آهي ته پاڪستان فلم انڊسٽري جو سنهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے