Home / سنڌ / ڪراچي خلاف ڪنهن به ڪوشش تي مزاحمت ڪبي، نين چونڊن جي حق ۾ نه آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي خلاف ڪنهن به ڪوشش تي مزاحمت ڪبي، نين چونڊن جي حق ۾ نه آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

حيدرآباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس پارٽي صوبائي خودمختياري خلاف ڪنهن به ڪوشش جي مخالفت ڪندي وفاق جي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اهڙو اظهار هنن خميس ڏينهن پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس پارٽي هميشه وفاق کي مضبوط ڪيو آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ عوام، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ سماج جي ٻين طبقن سان گڏجي ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي. هن چيو ته ڪراچي خلاف ٿيندڙ ڪنهن به ڪوشش تي پاڪستان پيپلز پارٽي مزاحمت ڪندي. هن خبردار ڪيو ته قانون واري وزير جي ڪراچي بابت بيان سبب پيدا ٿيل بيچيني واري صورتحال ملڪ جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي، وفاقي حڪومت کي اهڙي بيان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. بلاول ڀٽو چيو ته 18هين ترميم 1973ع واري آئين کي ان جي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرائي وئي ۽ اهو ٽاسڪ مڪمل ڪرڻ لاءِ سڀني سياسي پارٽين گڏجي ڪم ڪيو. هن چيو ته  آئيني ترميم خلاف ٿيندڙ ڪنهن به ڪوشش تي مک سياسي قوتون مخالفت ڪنديون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت جو وزيراعظم مودي انتهاپسند آهي ۽ هو گجرات وارن فسادن ۾ پڻ ملوث رهيو آهي تنهن جي ڪري ئي کيس پهريون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ آمريڪا کيس ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي حڪومت جي فيصلي خلاف ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين کي متحد ٿي جواب ڏيڻ گهرجي. پ پ جي چيئرمين چيو ته ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق خود اراديت وارو حق ڏيڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس پارٽي نين چونڊن جي حق ۾ نه آهي، ڇاڪاڻ ته نيون چونڊون ڪو آسان ڪم نه آهي. هن چيو ته صرف هائوس اندر تبديلي ئي واحد رستو آهي. هن حيدرآباد جي صحافين جي تاريخي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ماضيءَ ۾ جمهوري قوتن ۽ صحافي برادري ملڪ اندر جمهوريت جي بحاليءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو. هن چيو ته سندس پارٽي ميڊيا جي آزادي واري جدوجهد ۾ صحافي برادريءَ کان هميشه گڏ رهندي. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، وڏي وزير جو صلاحڪار ۽ پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، اڳوڻو سينيٽر مولا بخش چانڊيو، سنڌ جو اطلاعات وارو وزير سعيد غني، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سهيل انور سيال، ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ، حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر لالا رحمان سمون، جنرل سيڪريٽري محمد حسين خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب طرفان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪلب جي اعزازي رڪنيت ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. جنهن تي بلاول ڀٽو زرداري سندن ٿورو مڃيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان معاشي جاگرافيات کي مٽجندي ڏسي رهيا آهيون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (مانتيڙنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے