Home / سنڌ / اسان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙ سنڌ سرڪار کان استعيفيٰ جو مطالبو ڇو نه ٿا ڪن:فردوس نقوي

اسان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙ سنڌ سرڪار کان استعيفيٰ جو مطالبو ڇو نه ٿا ڪن:فردوس نقوي

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 (4) لاڳو ٿيڻ لاءِ تجويز نه ڏني وئي آهي، پر هو اُن جي حمايت ڪن ٿا. حليم عادل شيخ چيو ته نئون پاڪستان ٺهيو آهي ته نئين سنڌ به ٺهندي ۽ نئون ڪراچي ٺهندو. عمران خان پاڪستان جو مسيحا آهي. ڪراچي جي حوالي سان اڃا ڪميٽي ٺهي رهي آهي، اُن جي ٽي او آرز طئه ٿيندا ۽ انشاءَ الله ڪراچي جي بهتري لاءِ سفارشون به ڏنيون وينديون. آرٽيڪل 149 ڪو مارشل لا نه آهي جو اُن تي پيپلز پارٽي سنڌ ڪارڊ کيڏي رهي آهي. پريس ڪانفرنس دوران حليم عادل شيخ بار بار اهو چوندو رهيو ته هو سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف نه آهن، جنهن تي فردوس شميم نقوي سندس تصحيح ڪئي ته ڪنهن به ورهاڱي جي خلاف آهيون. بعد ۾ حليم عادل شيخ وري چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف رهي آهي. فردوس شميم نقوي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت کي 12 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو، پر سنڌ جي حالت تبديل نه ٿي. ڪراچي ۾ به اڃا تائين پاڻي ۽ صفائي جهڙا بنيادي مسئلا حل ناهن ٿيا. ڪراچي سنڌ جو تاج آهي، پاڪستان جو تاج آهي، جيڪڏهن ڪراچي صحيح ٿيندو ته سڄي سنڌ صحيح ٿي ويندي، تنهن ڪري اُن کي صحيح ڪرڻ لاءِ سفارشون جوڙيون ويون آهن. ڪراچي ۽ سنڌ جو ورجاءُ فردوس شميم نقوي ڪراچي ۽ سنڌ جا لفظ ڌار ڌار استعمال ڪندو رهيو. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۽ ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي. اُن لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، خان صاحب هدايت ڪئي آهي ۽ اُن موجب ڪوشش ڪنداسين ته هڪ مهيني ۾ بُنيادي سفارشون تيار ڪري پيش ڪريون. هُن چيو ته ڪراچي ترقي ڪندو ته سنڌ ترقي ڪندي ۽ پاڪستان ترقي ڪندو. ڪراچي تيستائين ترقي نه ڪندو، جيستائين بنيادي ڍانچو ۽ انتظاميا تبديل نه ٿيندي. سنڌي ميڊيا تي تنقيد
فردوس شميم نقوي چيو آهي ته تنقيد ڪندڙ سنڌ جي صحافين ۽ اخبارن کي ٺٽي جي حالت ڇو نظر نٿي اچي، فروغ نسيم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙ پ پ حڪومت کان استعيفيٰ جو مطالبو ڇو نٿا ڪن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

لياقت قائمخاني جو راهداري رمانڊ منظور، سانگهڙ ۾ اربين رپين جي زمين جو انڪشاف

ڪراچي /اسلام آباد ( رپورٽ) اڳوڻي ڊي جي پارڪس لياقت قائمخاني جو ٻن ڏينهن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے