Home / پاڪستان / اليڪشن ڪميشن ٻن ميمبرن جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 213 جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏي

اليڪشن ڪميشن ٻن ميمبرن جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 213 جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ٻن نون ميمبرن جي مقرريءَ خلاف ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. ڪميشن ۽ حڪومت وچ ۾ ڊيڊلاڪ برقرار آهي. اليڪشن ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي ٻن ميمبرن جي مقرري غير آئيني قرار ڏني آهي.  اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري بابر يعقوب فتح محمد جواب ۾ چيو ته ميمبرن جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 213 جي ڀڃڪڙي آهي، ان ڪري چيف اليڪشن ڪمشنر ميمبرن جو حلف وٺڻ کا انڪاري ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلن جو حوالو به ڏيندي چيو ته صدر طرفان ٻن ميمبرن جي مقرري، مقرريءَ تحت نٿي اچي، صدر ميمبرن کي مقرر ڪندي 213 اي ۽ بي جي ڀڃڪڙي ڪئي، ان حوالي سان 23 آگسٽ تي سيڪريٽري قانون کي آگھاهه ڪيو ويو هو. وفاقي حڪومت 7 مهينن کان پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن کي مقرر ڪيو آهي پر اپوزيشن ٻئي مقرريون رد ڪري ڇڏيون آهن، نون ميمبرن ۾ سنڌ مان خالد محمود صديقي ۽ بلوچستان مان منير احمد ڪاڪڙ شامل آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان به نون ميمبرن جي مقرري آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي انهن جو حلف وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

لياقت قائمخاني جو راهداري رمانڊ منظور، سانگهڙ ۾ اربين رپين جي زمين جو انڪشاف

ڪراچي /اسلام آباد ( رپورٽ) اڳوڻي ڊي جي پارڪس لياقت قائمخاني جو ٻن ڏينهن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے