Home / پاڪستان / آرمي چيف جو آرمي ميڊيڪل سينٽر ايبٽ آباد جو دؤرو

آرمي چيف جو آرمي ميڊيڪل سينٽر ايبٽ آباد جو دؤرو

راولپنڊي(م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا خميس ڏينهن آرمي ميڊيڪل سينٽر ايبٽ آباد جو دؤرو ڪيو ۽ ليفٽيننٽ جنرل خاور رحمان کي اي ايم سي جي ڪمانڊنٽ جا بيجز لڳايا. عهدو ڇڏيندڙ ڪرنل ڪمانڊنٽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) زاهد حامد آرمي ميڊيڪل ڪور جا حاضر ۽ رٽائر آفيسر ۽ سپاهي به ان موقعي تي موجود هئا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق آرمي ميڊيڪل ڪور جي ڪمانڊنگ آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ قيمتي حياتيون بچائڻ جي اي ايم سي جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن پاڪستان آرمي ۽ عام شهرين کي معياري طبي خدمتن جي فراهميءَ تي ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي خدمتن ۽ ڪردار جي به تعريف ڪئي. ان کان اڳ هن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان معاشي جاگرافيات کي مٽجندي ڏسي رهيا آهيون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (مانتيڙنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے