Home / انٽرنيشنل / امن ڳالهين ۾ تعطل عارضي آهي ۽ اسان کي اُميد آهي ته ڳالهيون جلد شروع ٿينديون: ڊاڪٽر مليحه لوڌي

امن ڳالهين ۾ تعطل عارضي آهي ۽ اسان کي اُميد آهي ته ڳالهيون جلد شروع ٿينديون: ڊاڪٽر مليحه لوڌي

گڏيل قومون(م ڊ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده ڊاڪٽر مليحه لوڌي چيو آهي ته اسان کي اُميد آهي ته آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر جلد شروع ٿينديون جيڪي گذريل هفتي اوچتو معطل ٿي ويون هيون. ڳالهين جي بحاليءَ سان انٽرا افغان ڊائلاگ جي راهه هموار ٿيندي، جنهن سان افغانستان ۾ ڊگهي عرصي کان جاري ويڙهه جو پُرامن خاتمو ممڪن ٿي سگهندو. افغانستان جي صورتحال بابت سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مليحه لوڌي چيو ته امن ڳالهين ۾ تعطل عارضي آهي ۽ اسان کي اُميد آهي ته ڳالهيون جلد شروع ٿينديون، ڇاڪاڻ ته ٻي صورت ۾ تشدد ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان افغانستان ۾ وڌيڪ ڇِڪتاڻ ۽ بيچيني پيدا ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان هميشه تشدد جي مذمت ڪئي آهي ۽ سمورين ڌُرين تي ضبط ۽ تحمل اختيار ڪرڻ ۽ ان يقين سان امن عمل سان وابسته رهڻ تي زور ڀريو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل ناهي. مليحه لوڌي چيو ته آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ سڌيءَ طرح ڳالهين جا 10 دؤر ٿيا، مسئلي جي حل جو پهريون بنياد رکڻ جا امڪان روشن ٿيا ۽ اميد پيدا ٿي ته ڌُريون 18 سالن ۾ هڪ ٻئي ويجهو آيون آهن. مليحه لوڌي چيو ته ڳالهين جي هاڻوڪي تعطل سان اميدون ختم نه هئڻ گهرجن ۽ امن ڪوششن لاءِ عزم ۾ گهٽتائي نه اچڻ گهرجي. هن چيو ته افغان امن عمل ۾ سهولت لاءِ اسان جي ڪوششن ۾ طورخم جي سرحدي چوڪي روزانو جي بنيادن تي واپاري ٽريفڪ لاءِ کولڻ ۽ پنهنجون فضائي حدون به کولڻ شامل آهي، جنهن سان اسان جي ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ تقويت ملندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

لياقت قائمخاني جو راهداري رمانڊ منظور، سانگهڙ ۾ اربين رپين جي زمين جو انڪشاف

ڪراچي /اسلام آباد ( رپورٽ) اڳوڻي ڊي جي پارڪس لياقت قائمخاني جو ٻن ڏينهن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے