Home / پاڪستان / ڏکڻ پنجاب سان ماضي جي حڪومتن ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو: عثمان بوزدار

ڏکڻ پنجاب سان ماضي جي حڪومتن ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو: عثمان بوزدار

ڊي جي خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته اسان جي حڪومت عمل تي يقين رکي ٿي، اڳوڻن دورن ۾ خوشحالي ۽ ترقي جي نالي تي دوکو ڪيو ويو. تونسا شريف ۾ ڳالهائيندي عثمان بوزدار چيو ته ڊرامي بازن جو دور گذري چڪو آهي، ماضي ۾ حڪومتن ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو، مان توهان جي وچ ۾ آهيان ۽ سدائين رهندس. هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ڏکڻ پنجاب عوام لاءِ ڌار سيڪريٽريٽ ٺاهي پئي وڃي، عوام سان ٿيل ناانصافين جو ازالو ڪيو ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے