Home / پاڪستان / رميش ڪمار جون مودي ۽ سشما سان ملاقاتون، پڪستان جو هاڪاري پيغام پهچايو

رميش ڪمار جون مودي ۽ سشما سان ملاقاتون، پڪستان جو هاڪاري پيغام پهچايو

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ بيڪ ڊور رابطا شروع ٿي ويا آهن جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻ ايم اين اي رميش ڪمار ونڪواڻي نئين دلي ۾ ڀارتي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان اهم ملاقات ڪئي آهي.رميش ڪمار جو چوڻ آهي ته هن پنهنجو مثبت نوٽ ڀارتي وزيراعظم تائين پهچائي ڇڏيو هاڻ سندس رويي ۾ تبديلي ايندي ڪراچي سان تعلق رکندڙ تحريڪ انصاف جي اقليتي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار جو ڀارتي دورو مذهبي آهي جڏهن ته هن ان دوران نئين دلي ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ پرڏيهي وزير سشما سوراج سميت ڪيترن ئي ڀارتي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن.رميش ڪمار ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ان جي نريندر مودي سان تقريب دوران ملاقات ٿي، ڀارتي وزيراعظم ساڻس گرمجوشي سان مليو، هن نريندر مودي کي ٻڌايو ته هو پازيٽو نوٽ کڻي آيو آهي ۽ مثبت پيغام کڻي واپس وڃڻ چاهي ٿو جنهن تي ڀارتي وزيراعظم جي هدايت  تي پرڏيهي وزير سشما سوراج ان سان پنجويهن منٽن تائين ملاقات ڪئي.رميش ڪمار ٻڌايو ته هن ڀارتي پرڏيهي وزير کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هاڻ ڪپتان جي حڪومت آهي، هو پٺاڻ آهي ۽ جيڪو چوندو آهي ڪري ڏيکاريندو آهي، اسان اوهان کي يقين ڏياريون ٿا ته پلواما حملن ۾ ڪوبه پاڪستاني ادارو ملوث ناهي، ڀارت ثبوت ڏئي ته اسان جاچ ۽ تعاون ڪنداسين.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے