نڪور خبرون
Home / پاڪستان / جمهوريت کي روبوٽ جيان هلائيندڙن جي سياست دفن ٿي وئي: فردوس عاشق

جمهوريت کي روبوٽ جيان هلائيندڙن جي سياست دفن ٿي وئي: فردوس عاشق

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سينيٽ جي ڪاميابي جمهوريت کي روبوٽ وانگر هلائيندڙن جي سياست دفن ڪري ڇڏي آهي. ٽويٽر تي هڪ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پنهنجي مرضي سان ووٽ ڏيڻ ئي اصل جمهوريت آهي. هن چيو ته معزز سينيٽرن کي ڌمڪيون ڏيڻ نهايت مذمت جوڳو عمل آهي، اپوزيشن پهريون پنهنجي صفن ۾ جمهوريت کي هٿي ڏي. سندس چوڻ هو ته ڇانگا مانگا گروپ اڄ ڪهڙي منهن سان ضمير جي آواز تي لبيڪ چوندڙن خلاف ڳالهائي رهيو آهي؟  مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو نالو کڻڻ کانسواءِ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته راج ڪماري صاحبه اکيون کولي، هي نئون پاڪستان آهي،  هتي ماڻهو ضمير جي آواز تي موروثي غلاماڻي سياست کي رد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 2013ع ۾ بادشاهه سلامت اليڪشن نتيجن کان اڳ ئي اعلان ڪيو،  تنهن وقت جيڪا ڌانڌلي ڪئي وئي اها راج ڪماري ڇو وساري ويٺي آهي.  فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ذاتي ۽ سياسي مفادن لاءِ توهان وفاقي اداري کي به معاف نه ڪيو.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان رينجرز سنڌ پاران گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي گلشن معمار ۾ ڇاپو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے