نڪور خبرون
Home / سنڌ / زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، 10 ڏينهن اڳ بي اعتمادي واري تحريڪ جي ناڪامي جو چئي ڇڏيو هو. ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته فضل الرحمان بدران بلاول کي استعيفيٰ ڏيندس، سڀني کي خبر آهي ته بلاول کي استعيفيٰ ڇو ڏيڻ چاهيان ٿو، پاڻ چوان ٿو ته هڪ سيٽ جو ليڊر آهيان جيڪو سڀني تي ڳرو آهي، فضل الرحمان مدرسن کي نه بهڪائي، هو باز نه آيو ته پاڻ مدرسن ۾ ويندس، پهريان مريم نواز ۽ شهباز شريف پاڻ هڪ پليٽفارم تي اچن، ڪنهن پارٽي سان ويڙهه ناهي، آصف علي زرداري حسين حقاني جيان غدار کي پروٽوڪول ڏنو. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ايم ال ون بڻجندو ته ريلوي نظام بهتر ٿي ويندو، ريلوي ۾ 18 ڪلاڪ ڪم ڪندو آهيان، برساتن جي ڪري ٽريڪ کي نقصان پهتو، 4 ڏينهن پاڻ ٽريڪ تي رهيس، ڪنهن وزير ايترا ڏينهن ٽريڪ تي نه گذاريا، لاهور ۾ 2 نيون واشنگ لائنز ٺاهينداسين، ريلوي ۾ حادثا گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، پٽڙي ۽ سگنل سسٽم پراڻو آهي، ان کان وڌيڪ نه ٿو ڪري سگهان.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان رينجرز سنڌ پاران گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي گلشن معمار ۾ ڇاپو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے