نڪور خبرون
Home / پاڪستان / حج درخواستونن اڄ کان وصول ڪيون وينديون، 8 مارچ تي پکا نڪرندا

حج درخواستونن اڄ کان وصول ڪيون وينديون، 8 مارچ تي پکا نڪرندا

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ حج درخواستن جي وصولي جو عمل اڄ کان شروع ٿيندو. حج درخواست فارم سڀاڻي کان 14 مختلف بئنڪن جي برانچن ۾ موجود هوندا ۽ درخواستون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 6 مارچ تائين مختلف بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهبيون. حج درخواستن جا ڪڻا 8 مارچ تي ڪڍيا ويندا، جنهن تحت خوش نصيب ماڻهن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو. حج خرچ 4 لک 36 هزار 975 رپيا مقرر ڪيا ويا آهن ۽ حاجين کي قرباني لاءِ 19 هزار 451 رپيا ڌار ادا ڪرڻا پوندا. هن ڀيري هڪ لک 84 هزار 210 پاڪستاني حج جو فرض ادا ڪندا، جنهن ۾ سرڪاري اسڪيم تحت هڪ لک 7 هزار 526 ۽ نجي اسڪيم ذريعي 71 هزار 684 ڄڻا حج جي سعادت حاصل ڪندا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے