نڪور خبرون
Home / رانديون / ورلڊ ڪپ 2019ع، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ چيمپئن بڻجڻ لاءِ تيار

ورلڊ ڪپ 2019ع، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ چيمپئن بڻجڻ لاءِ تيار

لارڊز(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ 2019ع جو سڀاڻي فائنل، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ چيمپئن بڻجڻ لاءِ تيار، ان ڏس ۾ لارڊز ۾ ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ۽ فيصلائتي دنگل ۾ ميزبان انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ منجهند اڍائي وڳي ميدان تي لهنديون.ورلڊ ڪپ جي ميزبان ٽيم دفاعي چيمپئن آسٽريليا کي آئوٽ ڪلاس ڪندي 27سالن بعد ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. 1992 جي فائنل ۾ پاڪستان انگلينڊ کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جو ٽائٽل کٽيو هو، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ ڪڏهن به ورلڊ ڪپ ناهي کٽيو. انگلينڊ چوٿون ڀيرو ۽ نيوزيلينڊ لاڳيتو ٻيو فائنل کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي، انگلش ٽيم کي هن ڀيري فيورٽ قرار ڏنو پيو وڃي. ان کان اڳ پهرين سيمي فائنل ۾ ڀارت جو غرور نيوزيلينڊ مٽي ۾ ملائي ڇڏيو هو، ڀارت ڪرڪيٽ ٽيم جو سفر جهڙي ريت ختم ٿيو، ان کي ڀارتي شوقين ذهني طور تي قبول نه ڪري سگهيا آهن، ڀارتي ميڊيا شڪست جو ذميوار ويرات ڪوهلي جي ڪپتاني کي قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته اهو ٽورنامينٽ شروع ٿيو هو ته تڏهن کان اڳڪٿيون ڪيون پئي ويون ته ڀارت ۽ انگلينڊ فائنل کيڏندا پر نيوزيلينڊ ڀارت کي مانچسٽر ۾ ڌوڙ ڪري ڇڏيو. سڀاڻي آچر ڏهاڙي لارڊز ۾ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ فائنل جو دنگل کيڏيو ويندو، ان حوالي سان ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان ڪاميابي لاءِ پرعزم آهن ۽ ٻنهي ٽيمن جا رانديگر اڄ پريڪٽس پڻ ڪري رهيا آهن.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپتان سرفراز احمد کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي: راشد لطيف

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف چيو آهي ته ڪپتان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے