نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / ڪشمير ۾ شهيدن جو ڏهاڙو، ماٿري ۾ مڪمل هڙتال

ڪشمير ۾ شهيدن جو ڏهاڙو، ماٿري ۾ مڪمل هڙتال

سري نگر(مانيٽرنگ ڊيسڪ) والاريل وادي ڪيترن ئي سالن کان شهيدن جي رت جي گواهه آهي. 13 جولاءِ 1931ع تي 22  ڄڻن جي شهادت خلاف ڪشميري شهيدن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. حريت اڳواڻن جي اپيل تي والاريل وادي ۾ مڪمل هڙتال آهي. 13 جولاءِ 1931 ڪشميري تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. 22  ڪشميري ڀارتي فوجين جي وحشت جو نشانو بڻيا هئا.  88 سال اڳ وهندڙ ڪشميرين جو بي گناهه رت اڄ به تازو آهي. حريت پسند جانبازن جي ياد ۾ ڪشميرين جي شهيدن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. مرد مجاهد عبدالقدير خان جي ديدار جي لاءِ بي گناهه ڪشميري سري نگر جيل کان ٻاهر جمع هئا جتان عبدالقدير خان کي عدالت وٺي وڃڻو هو. ان دوران ظهر جي نماز جو وقت ٿي ويو ۽ ڪشميري مظاهرين کي نماز پڙهڻ جي به اجازت نه ملي. ان دوران هڪ ڪشميري اذان جي  لاءِ اٿيو ته ڀارتي فوج جي سپاهين سندس مٿان گولين جي برسات شروع ڪري ڇڏي. هڪ ٻئي پويان 21 جانين جو نذرانو ڏئي حريت پسندن آذان مڪمل ڪئي ۽ رت جي ان هولي جي خلاف ڪشميري هر سال شهيدن جو ڏينهن ملهائيندا آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا سعودي عرب جي لاءِ وڌيڪ ٽي هزار فوجي موڪليندو

واشنگٽن(م ڊ)   آمريڪا سعودي عرب جي لاءِ وڌيڪ 3000 فوجي  روانا ڪري رهيو آهي. جيڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے