Home / پاڪستان / ڪرپشن جي ڪيس ۾ 3 سال سزا مذاق آهي: چيف جسٽس

ڪرپشن جي ڪيس ۾ 3 سال سزا مذاق آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ڪرپشن جي ڪيس ۾ ٽن سالن جي سزا کي مذاق قرار ڏيندي چيو ٽن سالن جي سزا تي ڇڙي هڻڻ جي ڏوهه ۾ ٿي ويندي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ پشاور ڊيويلپمنٽ اٿارٽي جي اڳوڻي سربراهه ظاهر جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس عظمت سعيد به بئنچ جو حصو هئا.ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيد ظاهر شاهه جي وڪيل چيو ته احتساب عدالت ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو ۽ هاءِ ڪورٽ نيب اپيل بنا جائيداد ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ڪرپشن جي ڪيس ۾ 3 سالن جي سزا مذاق آهي، ڇڙي هڻڻ جي ڏوهه ۾ ئي ٽي سال سزا ڏني ويندي آهي، سرڪاري ملازم طور ظاهر شاهه ڪروڙين رپين جي ملڪيت ڪيئن ٺاهي.چيف جسٽس چيو ته جوابدار جي پگهار ان وقت 1275 هئي وري ڪروڙين رپين جي ملڪيت ڪيئن ڪٿان کان آئي؟ اُن وقت گهر جو ڀاڙو به ٽي سئو هوندو، 3 سال جي سزا ڪرپشن جي ڪيس ۾ تمام گهٽ آهي، سوچي رهيا آهيون ته ڇو نه سزا وڌائي وڃي.جوابدار جي وڪيل ٻڌايو ته ظاهر شاهه 1974ع ۾ چار گهر وڪرو ڪيا هئا ان مان جيڪا رقم ملي ان مان ملڪيت ٺاهي، چار گهر ظاهر شاهه سروس کان پهريان 1974ع ۾ خريد ڪيا هئا، اها سڄي ملڪيت ظاهر شاهه جي سروس ۾ اچڻ کان اڳ جي آهي، هو 1975ع ۾ سروس ۾ آيو.چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته اثاثا 1988ع ۾ ٺاهيا ويا، وسيلا 1998ع جا آهن، ظاهر شاهه ڪروڙين رپين جا اثاثا ٺاهي ورتا، جنهن تي وڪيل چيو ته مون سزا خلاف پنهنجي اصيل جي اپيل واپس وٺان ٿو.جنهن تي نيب جي وڪيل جو چوڻ هو ته ٽرائل ڪورٽ جوابدار سيد ظاهر شاهه کي ٽي سال قيد ۽ ٻه ڪروڙ 15 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، هاءِ ڪورٽ جوابدار جي ٽي سال قيد کي برقرار رکيو ۽ ڏنڊ گهٽ ڪري هڪ ڪروڙ 15 لک ڪري ڇڏيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے