نڪور خبرون
Home / پاڪستان / نوازشريف کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار عمران نيازي هوندو: شهباز

نوازشريف کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار عمران نيازي هوندو: شهباز

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته ڊاڪٽر جي هدايت موجب نواز شريف کي پرهيز جو کاڌو فوري طور فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ نتيجن جو ذميوار عمران نيازي هوندو. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف نواز شريف کي جيل ۾ پرهيز جو کاڌو نه ڏيڻ تي احتجاج ڪندي چيو ته نواز شريف کي جيل ۾ پرهيز جو کاڌو نه ڏيڻ عمران نيازي جي قاتل ذهنيت جو ثبوت آهي. هن چيو ته  نواز شريف کي پرهيز جو کاڌو فوري فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ نتيجن جو ذميوار عمران نيازي هوندو جڏهن ته مريض جي پرهيز جو کاڌو روڪي هو سياسي انتقام جي بدترين درجي تي اچي ويو آهي.  شهباز شريف چيو ته نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته ذميور فاشسٽ نيازي هوندو، مخالف ڌر جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته عمران نيازي ۾ نه قوم جي خدمت جي صلاحيت آهي ۽ نه وري سياسي مخالفت جو ظرف آهي. عمران نيازي جي نالائقي تي شڪ ناهي پر فسطائي ذهنيت ۾ به ڪو مٽ نه ٿو رکي، جڏهن ته فسطائيت جي ڪاري رات ختم ٿيڻ واري آهي پوءِ سمورن ظلمن جو حساب ٿيندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادو وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن چترال پهچي ويا، شاندار آڌرڀاءُ، کين ليڊي دائنا جي تصويرن وارو يادگار البم پيش

چترال (م ڊ) برطانوي شهزادو وليم ۽ سندس زال ڪيٽ مڊلٽن پاڪستان جي دوري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے