نڪور خبرون
Home / پاڪستان / شاهه محمود غلطي مڃي اسان نالا واپس وٺي ڇڏينداسين: خورشيد شاهه

شاهه محمود غلطي مڃي اسان نالا واپس وٺي ڇڏينداسين: خورشيد شاهه

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت هر مسئلي ۽ اداري ۾ مونجهارا پيدا ڪري رهي آهي، پارليامينٽ کان وڌيڪ ڪو به فورم ناهي ڇو ته 20 ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪري ٿي. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ عدليه کانپوءِ اليڪشن ڪميشن سڀ کان وڏو ادارو آهي جيڪو جمهوريت قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ اهڙا ماڻهو وڃن جن کي حڪومت ۽ مخالف ڌر قبول ڪري. خورشيد شاهه وڌيڪ ڇيو ته ڪميٽي ۾ ملڪ جي لاءِ بهتر فيصلن جي توقع هوندي آهي اليڪشن ڪميشن ۾ ميمبرن جي مقرري تي اتفاق نه ٿي سگهي. حڪومت جي طرفان  اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جا نالا ڏنا ويا اهي ڪميٽي ۾ ناهن آيا. اسان کي حڪومت جي طرفان مخالف ڌر جي اڳواڻ کي موڪليل خط مليو جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي طرف کان نالا موڪليا ويا. مخالف ڌر جو موقف هو ته ان نالن تي غُر ڪيو وڃي جيڪي پهريان موڪليا ويا. حڪومت جي طرفان ڏنل نالن کي به اسان لسٽ ۾ شامل ڪيو جنهن جو مقصد ميمبرن جي مقرري تي اتفاق ڪرڻ هو. بلوچستان مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن لاءِ ڊاڪٽر صلاح الدين مينگل، محمود رضا ۽ راجا عامر عباس، جڏهن ته سنڌ جي ميمبرن لاءِ محمد عظيم قريشي، جسٽس(ر) عبدالرسول ميمڻ ۽ جسٽس(ر) نورالحق قريشي شامل هئا. حڪومتي ميمبرن ان خط ۽ ان ۾ موجود نالن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پ پ اڳواڻ چيو ته حڪومت هر مسئلي ۽ ادارن ۾ ڏکيائيون پيدا ڪري رهي آهي نالا موڪلڻ وزيراعظم جو حق آهي، شاهه محمود قريشي پنهنجي غلطي مڃي. هن نالا پاڻ موڪليا. شاهه محمود قريشي پنهنجي غلطي مڃي ته اسان نالا واپس وٺي ڇڏينداسين. شاهه محمود قريشي چوي ته ڏوهه منهنجو هو ته مخالف ڌر پوئتي هٽي ويندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے