Home / پاڪستان / قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس ملتوي

قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس ملتوي

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي هدايت تي مختلف اسٽيڊنگ ڪميٽين جا طلب ڪيل اجلاس رد ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي پڌرائي موجب اسپيڪر اسد قيصر هدايت ڏني آهي ته اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس رڳو قومي اسيمبلي جي سيشن دوران سڏايا وڃن. پڌرنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسپيڪر جي اها هدايت ڪفايت شعاري مهم کي نظر ۾ رکندي ڏني وئي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اجلاسن تي پابندي حراست هيٺ مخالف ڌر ميمبرن سبب هنئي وئي آهي ڇو ته گرفتار ٿيل ميمبر پروڊڪشن آرڊر تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا آهن. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي اڱاري ڏينهن جي  پروڊڪشن آرڊر تي صنعت ۽ پيدوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي جڏهن ته انساني حقن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به اجلاس جي صدارت ڪرڻي هئي. ٻئي پاسي پيپلز پارتي جي اڳواڻ شازيه مري اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اجلاسن بابت اسپيڪر جي هدايت تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پارليامنٽ کي غيرجهموري طريقي سان هلائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽيون پارليامنٽ جو دماغ سمجهيون وينديون آهن ۽ سڄو سال ڪم ڪنديون آهن. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو سال ۾ 130 ڏينهن اجلاس ٿيندو آهي، باقي ڏينهن ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس نه ٿيندا ته پوءِ پارليامنٽ غيرفعال ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته اسان چڱي ريت ڄاڻو ٿا ته ان قدم پٺيان ڪهڙا مقصد آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اها هدايت پروڊڪشن آرڊر معاملي سان جڙيل لڳي ٿي. شازيه مري جو چوڻ هو ته اسپيڪر حڪومت جي غير جهموري روين جي اڳيان بيوس نظر اچي رهيو آهي، مخالف ڌر ان معاملي تي چپ نه رهندي، ڀرپور مزاحمت ڪنداسين. ياد رهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پارليامينٽ ۾ پهتو هو جتي هن آخري دفعو پروڊڪشن آرڊر تي اجلاس ۾ شرڪت جو اشارو ڏنو هو. جڏهن ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان تحريڪ انصاف ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت قومي اسيمبلي جي ڪنهن به ميمبر جا پروڊڪشن آرڊر جاري  نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے