Home / شوبز / اداڪارا ايمان علي ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي پوٽي سان پرڻو ڪري ڇڏيو

اداڪارا ايمان علي ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي پوٽي سان پرڻو ڪري ڇڏيو

لاهور(شوبز نيوز ) شهور پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪارا ايمان علي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي. جڏهن ته ”خدا ڪي لئي“”بول“ اور“ ”ماه مير“ جهڙين سپر هٽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ واري مشهور ماڊل ۽ اداڪارا ايمان علي گذريل ڏينهن لاهور ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي، نڪاح جي تقريب ۾ فلم، ٽي وي، ميوزڪ ۽ فيشن اندسٽري جا اهم شخص شريڪ ٿيا، شادي جي تقريب لاهور جي علائقي بيديان جي فارم هائوس ۾ ٿي، ايمان علي جي مڙس بابر ڀٽي جو تلعق ميجر عزيز ڀٽي جي خاندان سان آهي، ايمان علي کي سرحد پار هدايتڪارن ۽ ان جي ماضي جي دوست امتياز علي سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ اهم شخصن طرفان مبارڪن ۽ جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن ايمان علي جي ون واهه جي تصوير ۽ ويڊيو وائرل ٿي هئي، ون واهه ۾ ايمان علي پيلي رنگ جي لباس ۾ نظر اچي رهي آهي، ايمان علي جي والد عابد علي جو چوڻ آهي ته ڌيءَ جي شادي تي گهڻو خوش آهيان، منهنجي دعا آهي ته جهڙي طرح هو پنهنجي پروفيشن ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي اهڙي طرح پنهنجي زندگي جي نئي سفر ۾ به ان کي ڪاميابي ملي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عدنان سميع جو به ٽوئٽر اڪائونٽ هيڪ: وزيراعظم عمران خان جي تصوير لڳائي وئي

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪار اميتاب بچن جي ٽوئٽر اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ کان پوءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے