Home / رانديون / اسان عالمي ڪپ ۾ وڏي محنت ڪئي پر نتيجو اسان جي حق ۾ نه آيو: بابر/امام

اسان عالمي ڪپ ۾ وڏي محنت ڪئي پر نتيجو اسان جي حق ۾ نه آيو: بابر/امام

لاهور (اسپوٽس) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان اوپننگ بيٽسمين امام الحق جو چوڻ آهي ته اسان عالمي ڪپ ۾ وڏي محنت ڪئي پر نتيجو اسان جي حق ۾ نه آيو. لاهور ۾ قومي ٽيم جي رانديگرن امام الحق ۽ بابر اعظم پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ عالمي ڪپ جي ڪارڪردگي بابت ڳالهايو. پريس ڪانفرنس ۾ امام الحق چيو ته اسان پنهنجي غلطين مان سکي رهيا آهيون، منهنجو ڪم پرفارم ڪرڻ آهي، محنت ڪندو آهيان، الله عزت ڏيڻ وارو آهي، ان جو ڪرم رهيو ته ٽيم ۾ رهندس. امام الحق چيو ته جيئن اسان عالمي ڪپ ۾ کيڏڻ ويا هئاسين ته ٻيون ٽيمون به ڀرپور تياري سان آيون هيون ۽ اسان بهتر تياري لاءِ عالمي ڪپ کان گهڻو اڳ انگلينڊ ويا هئاسين. هن چيو ته اسان ڏاڍي سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، بدقسمتي سان اسان 5 ميچون نه کٽي سگهياسين، اسان جون ڏاڍيون ڏکيون ميچون ٿيون ۽ بيٽسمينن ڏاڍي زبردست ڪارڪردگي ڏيکاري. امام الحق چيو ته پهرين ميچ ۾ اسان ڏاڍو پريشان هئاسين ۽ ان ميچ ۾ جهڙي تيار ڪئي هئي اهڙو نتيجو نه آيو هو، پر پوءِ اسان جهڙي ريت واپسي ڪئي ۽ سيڪنڊ هاف ۾ اسان سٺو کيڏياسين. سندس چوڻ هو ته هي ڪرڪيٽ راند آهي ان ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن ڪڏهن ڪڏهن ائين ناهي ٿيندو اسان محنت ڏاڍي ڪئي پر نتيجو اسان جي حق ۾ نه آيو. بابر اعظم چيو ته منهنجو ڪم رڳو ڪرڪيٽ کيڏڻ آهي، مون کي پاڻ تي ڀروسو آهي، مونکي هر ميچ ۾ سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيڻي آهي. ڪپتاني بابت سوال تي بابر اعظم چيو ته ان ڏس ۾ جيڪو به فيصلو ڪرڻو آهي پي سي بي  کي ڪرڻو آهي، رن ريٽ بابت سوال تي بابر اعظم چيو ته اسان جيڪا پهرين ميچ هارائي ۽ آخر تائين اسان کي ان جو نقصان ٿيندو رهيو، اسان هيٺ مٿي ٿيندا رهياسين، پهرين ميچ ۾ سٺي بيٽنگ نه ڪري سگهياسين، جنهنڪري اسان جو رن ريٽ گهٽ رهيو. هڪ سوال جي جواب ۾ امام الحق چيو ته شروعاتي ميچن ۾ شڪست جو ذميوار چيف سليڪٽر ناهي، اسان سٺو نه کيڏيو ان سبب شڪست ٿي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بابر اعظم هڪ سئو رنسون ٺاهيندڙ ٽيون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو

سڊني (اسپورٽس نيوز) بابر اعظم گابا ۾ هڪ سئو رنسون ٺاهيندڙ ٽيون پاڪستاني رانديگر بڻجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے