Home / انٽرنيشنل / آمريڪا ايٽمي هٿيارن جي معاملي تي دوکو پيو ڪري: اتر ڪوريا

آمريڪا ايٽمي هٿيارن جي معاملي تي دوکو پيو ڪري: اتر ڪوريا

پيانگ يانگ(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر ڪوريا جو چوڻ آهي ته آمريڪا ڪم جونگ ۽ ٽرمپ جي ملاقات باوجود دشمني تي لٿل آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ جي گذريل ڏينهن اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جي بارڊر تي  تاريخي ملاقات ٿي هئي ۽ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ جوهري هٿيارن جي  حوالي سان ڳالهين لاءِ ٽيم به ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو. آمريڪي صر ۽ ڪم جونگ جي ملاقات کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ لاڳاپن ۾ نئون تڪرار پيدا ٿي ويو آهي ۽ گڏيل قومن ۾ اتر ڪوريا جي وفد چيو آهي ته آمريڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايٽمي هٿيارن بابت معاهدي تي به دشمني ڪرڻ تي لهي آيو آهي. برطانوي خابرو اداري موجب گڏيل قومن ۾ اتر ڪوريا جي وفد چيو  آهي ته آمريڪا تي پابندين جو جنون آهي. اتر ڪوريا الزام لڳايو آهي ته واشنگٽن، جزيري  ۾ پرامن ماحول کي بگاڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اتر ڪوريا جي وفد جو اهو چوڻ هو ته اهو رد عمل آمريڪا، فرانس، جرمني ۽ برطانيه جي طرفان گڏيل قومن جي سمورن ميمبرن کي موڪليل خط جي ڪري ٿيو آهي جنهن ۾ اتر ڪوريا تي وڌيڪ پابنديون هڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير اڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو

سرينگر: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) والاريل ڪشمير اڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو جنهن جي لاءِ تياريون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے