Home / پاڪستان / آءِ ايم ايف جي پئڪيج سان معيشت ۾ استحڪام ايندو، بورڊ جي ڪنهن ميمبر امداد جي مخالفت نه ڪئي: حفيظ شيخ

آءِ ايم ايف جي پئڪيج سان معيشت ۾ استحڪام ايندو، بورڊ جي ڪنهن ميمبر امداد جي مخالفت نه ڪئي: حفيظ شيخ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ايمنسٽي اسڪيم تحت هڪ لک 37 هزار ماڻهن فائدو کنيو ۽ 70 ارب رپيه اوڳاڙيا ويا آهن. جڏهن ته 3 هزار ارب جا اٽاثا ظاهر ڪيا ويا. اسلام آباد ۾ ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، روينيو جي مملڪتي وزير حماد اظهر ۽ چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم کي ڪامياب ترين اسڪيم قرار ڏيندي چيو آهي ته ايمنسٽي اسڪيم جو اهم مقصد ٽيڪس ڏيندڙن جي تعداد وڌائڻ آهي. اسڪيم سان ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو. هڪ لک 37 هزار ماڻهن ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو کنيو ۽ 70 ارب روپيه اوڳاڙيا ويا. جڏهن ته 3 هزار ارب جا اثاثا ظاهر ڪيا ويا. ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو کڻندڙن جي وڏي تعداد نئين ٽيڪس ڏيندڙن جي آهي. هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو پهريون دفعو ٽيڪس نيٽ ۾ آيا آهن.  پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته  آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري ڏئي پاڪستان جي پاليسين تي ڀاڙيو ويو، پروگرام جي منظوري کانپوءِ ٻيا مالياتي ادارا به پاڪستان کي فنڊ ڏيندا، قرض واپس ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي.  هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پئڪيج سان معيشت ۾ استحڪام ايندو، آءِ ايم ايف بورڊ جي ڪنهن ميمبر پاڪستان لاءِ امداد جي مخالفت  نه ڪئي آهي. هن چيو ته پروگرام جي منظوري ڏئي پاڪستان جي پاليسين تي ڀاڙيو ويو، پروگرام جي منظوري کانپوءِ ٻيا مالياتي ادارا به پاڪستان کي فنڊ ڏيندا، ايشيائي ترقياتي بئنڪ 3 ڏهائي 2 ارب ڊالر پاڪستان کي اضافي ڏيڻ جو سوچي رهي آهي،  عالمي مالياتي بئنڪ به پاڪستان کي اضافي رقم ڏيندي. سندس چوڻ هو ته اي ڊي بي ۽ عالمي بئنڪ جا فنڊ بجٽري سپورٽ لاءِ  به هوندا، قرض پروگرام تي آءِ ايم ايف به پريس ڪانفرنس ڪندي، ملڪ مشڪل دور ۾ مليو، ملڪي قرض تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، قرض واپس ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي.  ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته دوست ملڪن کان ڊپازٽس حاصل ڪيا آهن، آءِ ڊي جي بي ۽ سعودي عرب دير ادائيگين تي تيل فراهم ڪندا، آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري مان ظاهر آهي ته نئين پاڪستاني قيادت اعتماد ڪيو ويو آهي، اسان کي پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ سان گڏ ڏکيا فيصلا ڪرڻا آهن.  هن چيو ته امير کان ٽيڪس وٺڻي آهي ۽ ڪمزور طبقي جو دفاع ڪرڻ آهي، عورتن جي ڀلائي لاءِ فنڊ ۾ 100 ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ ڪاروباري سيڪٽر کي سهولتون ڏنيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف کان هر سال 2 ارب ڊالر ملندا ۽ 8 جولاءِ تائين آءِ ايم ايف کي پهرين قسط هڪ ارب ڊالر ملي ويندي. ان قرض تي وياج 3 سيڪڙو آهي. اسٽيٽ بئنڪ کي وڌيڪ خود مختياري ڏني آهي ته جيئن هو انٽرنيشنل بئنڪ وانگر اڳيان ٿئي. روينيو جي مملڪتي وزير حماد اظهر چيو ته جتي به بي نامي ملڪيتون پڪڙينداسين  ان مٿان قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي پوءِ اهو پي ٽي آءِ جو هجي يا ڪنهن ٻئي پارٽي جو سڀني لاءِ قانون برابر آهي. شبر زيدي چيو ته انڊسٽر کي هراسان نٿا ڪرڻ چاهيون. صنعتڪارن کي بهترين طريقي سان چونداسين ته ريٽرنز جمع ڪرائين، اسان وٽ پنجاب ۾ پراپرٽي جو سمورو رڪارڊ اچي ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

لياقت قائمخاني جو راهداري رمانڊ منظور، سانگهڙ ۾ اربين رپين جي زمين جو انڪشاف

ڪراچي /اسلام آباد ( رپورٽ) اڳوڻي ڊي جي پارڪس لياقت قائمخاني جو ٻن ڏينهن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے