Home / پاڪستان / پاڪستان ٽيڪس مد ۾ آمدني وڌائيندو، ڪرنسي شرح مارڪيٽ طئه ڪندو: آءِ ايم ايف جا شرط

پاڪستان ٽيڪس مد ۾ آمدني وڌائيندو، ڪرنسي شرح مارڪيٽ طئه ڪندو: آءِ ايم ايف جا شرط

واشنگٽن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ پاڪستان لاءِ اعلانيل 6 ارب ڊالر جي قرض پروگرام سان لاڳو شرطن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. آءِ ايم ايف موجب پاڪستان هر سال 1500 کان 2000 ارب ٽيڪسن جي مد ۾ آمدني وڌائيندو، پاڪستان ۾ ڪرنسي جي شرح مٽاسٽا وارو مارڪيٽ طئه ڪندو، اسٽيٽ بئنڪ ڪرنسي جي مٽاسٽا جي شرح ۾ مداخلت نه ڪندي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته مانيٽري پاليسي ذريعي مهانگائي تي ضابطو آندو ويندو. توانائي جي شعبي بابت آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آندا ويندا ۽ گردشي قرضن جو خاتمو آندو ويندو، بقايا جي اوڳاڙي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ سياسي مداخلت نه ڪئي ويندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

لياقت قائمخاني جو راهداري رمانڊ منظور، سانگهڙ ۾ اربين رپين جي زمين جو انڪشاف

ڪراچي /اسلام آباد ( رپورٽ) اڳوڻي ڊي جي پارڪس لياقت قائمخاني جو ٻن ڏينهن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے