Home / سنڌ / اسان کي کي جيلن ۾ وجهڻ سان معيشت بهتر ٿئي ٿي ته قيد ٿيڻ کان انڪار نه آهي: خورشيد شاهه

اسان کي کي جيلن ۾ وجهڻ سان معيشت بهتر ٿئي ٿي ته قيد ٿيڻ کان انڪار نه آهي: خورشيد شاهه

سکر(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه سياسي ڪارڪنن ۽ عوام کي مشورو ڏنو آهي ته گهر مان نڪرڻ وقت پنهنجي گاڏين ۽ خاص طور تي گاڏين جون ڊگيون چيڪ ڪري نڪرن، حڪمرانن کان ڪو به اين آر او نه گهري رهيو آهي. سکر ۾ ميڊيا سان سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان کي جيلن ۾ وجهڻ سان معيشت بهتر ٿي ته ڀلي جيلن ۾ وڌو وڃي، اسان کي ڪو به مسئلو ناهي، عمران خان جيل جي هوا نه کاڌي آهي پر اسان کي جيل وڃڻ سان ڪو فرق نه پوندو. هن چيو ته عوام کي گذارش آهي ته پنهنجي گاڏين جون ڊگيون چيڪ ڪري گهرن مان نڪرن. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان کي جيل ۾ وجهڻ سان عوام کي سهولت ملي ٿي ته سموري مخالف ڌرکي جيل ۾ وڌو وڃي، گرفتاريون رڳو عمران خان جي ناڪامي لڪائڻ لاءِ آهي.خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ڪنهن هڪ رٿا جو نالو ٻڌائي جيڪا هن شروع ڪئي هجي، عمران خان هڪ سال ۾ ڪهڙي تبديلي آندي آهي، اڄ ملڪ ۾ روزگار بند ٿي ويو آهي ۽ اسان بيوس آهيون. هن چيو ته جيڪا شيءَ هڪ روپئي جي هئي اها هاڻي اڍائي روپين جي آهي، حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ پي ٽي آءِ وارن کي معاشي حالتن جي خبر هئي.  سندس چوڻ هو ته سونامي جو مقصد تباهي آهي جيڪا عوام ڀوڳي رهيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي، عوام پريشان آهي، عام ماڻهو ماني لاءِ پريشان آهي، ڊالر وڌڻ سان هر ماڻهو متاثر ٿيو آهي، بجلي جي بلن سان عوام جون رڙيون نڪري رهيون آهن، ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو پر ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان معاشي جاگرافيات کي مٽجندي ڏسي رهيا آهيون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (مانتيڙنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے