نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ظالم بجِت تان ڌيان هٽائڻ لاءِ راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪيو ويو: شهبازشريف

ظالم بجِت تان ڌيان هٽائڻ لاءِ راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪيو ويو: شهبازشريف

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم پنهنجي ناڪام پاليسين سبب وائڙو ٿي چڪو آهي.مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني صلاحڪاري گروپ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پارٽي قيادت کي راڻا ثناءَ الله جي گرفتاري ۽ عدالت ۾ پيشي بابت بريفنگ ڏني وئي.  اجلاس ۾  راڻا ثناءَ الله جي گرفتاري جي مذمت ڪئي وئي.  مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف پارٽي اڳواڻن کي راڻا ثناءَ الله جي وارثن سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ راڻا ثناءَ الله کي سندس سياسي خدمتن تي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي.  اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته شهباز  شريف چيو ته رانا ثناءَ الله رڳو مسلم ليگ ن نه پر سموري ملڪ  جي سياست جو اثاثو آهي، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هر لحاظ سان تحفظ فراهم ڪيو ويندو.  هن چيو ته سليڪٽ وزيراعظم پنهنجي ناڪام پاليسين سبب وائڙو ٿي ويو آهي، وزيراعظم مخالف ڌر کان ايتري قدر ڊنل آهي جو اسان جي هوندي ايوان ۾ اچڻ کان گهٻرائيندو آهي. ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت ۽ ڪجهه ادارا وڌيڪ گرفتارين جو پلان ٺاهي رهيا آهن. هن چيو ته گرفتاريون صرف ان ڪري ٿي رهيون آهن ته جيئن بجيٽ ۽ مهانگائي جي مسئلن تان عوام جو ڌيان هٽايو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادو وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن چترال پهچي ويا، شاندار آڌرڀاءُ، کين ليڊي دائنا جي تصويرن وارو يادگار البم پيش

چترال (م ڊ) برطانوي شهزادو وليم ۽ سندس زال ڪيٽ مڊلٽن پاڪستان جي دوري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے