نڪور خبرون
Home / رانديون / پي ايس ايل فور: پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 44 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

پي ايس ايل فور: پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 44 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

 شارجا(اسپورٽس نيوز)پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي نائين مئچ ۾ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 44 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.شارجا ۾ ٿيندڙ مئچ ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم پشاور زلمي خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پشاور پهريان کيڏندي 153 رنسون ٺاهيون ۽ پشاور کي کٽڻ لاءِ 154 رنسن جو هدف ڏنو. پشاور پاران اننگ جي شروعات امام الحق ۽ ڪامران اڪمل ڪئي پر ڪامران اڪمل ٻئي اوور ۾ ڪا رنس ٺاهڻ کانسواءِ آئوٽ ٿي ويو.هڪ موقعي تي پشاور جا 4 رانديگر 48 رنسون ٺاهي پويلين ڀيڙا ٿي چڪا هئا پر امام الحق ۽ ڊائوسن ذميوار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳيان وڌايو. ڊائوسن 43 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته امام الحق 56 رنسن جي اننگ کيڏي، ڪپتان ڊيرن سيمي اننگ جي آخري اوور ۾ 10 بالن تي 24 رنسون ٺاهي ٽيم جو اسڪور 153 تائين پهچايو.ڪراچي ڪنگز پاران سڪندر رضا ۽ عثمان شنواري ٻه ٻه، جڏهن ته عماد وسيم، محمد عامر ۽ عامر يامين هڪ هڪ رانديگر آئوٽ ڪيو. جواب ۾ ڪراچي ڪنگز مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 109 رنسون ٺاهي سگهي، محمد رضوان 32 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪور رهيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان خلاف سيريز کانپوءِ سريلنڪن ٽيم وطن واپس رواني

لاهور (شوبز نيوز) محبتن جا گل گڏ ڪري سريلنڪن ٽيم وطن واپس رواني ٿي وئي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے