Home / پاڪستان / بجيٽ ۾ عوام لاءِ ڪوبه رليف ناهي رکيو ويو، ماڻهن کي تمام گهڻيون پريشانيون ٿينديون: شاهد خاقان

بجيٽ ۾ عوام لاءِ ڪوبه رليف ناهي رکيو ويو، ماڻهن کي تمام گهڻيون پريشانيون ٿينديون: شاهد خاقان

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته دفاعي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ملڪ جي خودمختياري جو سودو ڪرڻ برابر آهي.  قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته توهان اهو چئي رهيا آهيو ته مالي وسيلا نه آهن تنهن ڪري اسان ملڪي سرحدن جي حفاظت نه ڪنداسين. هن چيو ته بجيٽ اجلاس کان اڳ قومي اسيمبلي ۾ 10 مهينن دوران هڪ منٽ به هاڪاري بحث نه ٿيو آهي. هن چيو ته بجيٽ تي تقرير جو تعداد محدود ڪرڻ جي معاملي تي توهان جي رضا مندي شامل نه هئڻ گهرجي ها.  هن چيو ته مون کي خبر آهي ته توهان کي جلدي آهي پر مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ ڳالهه نه ٿيندي ته آخر ڪٿي ٿيندي. اسپيڪر اسد قيصر جواب ڏيندي چيو ته توهان جي ليڊرشپ پاڻ راضپو ظاهر ڪيو هو، ٽي تقريرون مسلم ليگ ن، 2 تقريرون پ پ ۽ هڪ مجلس عمل کي ڪرڻ ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي.  شاهد خاقان عباسي چيو ته معذرت سان چوندس توهان کي چوڻ ته توهان کي اها ڳالهه قبول ناهي. اسد قيصر چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ بحث ٿيو آهي، جنهن جا تفصيل جلد فراهم ڪندس. شاهد خاقان عباسي چيو ته بجيٽ اجلاسن جي ڏينهن کي نه ڳڻيو پر اهو ڳڻيو ته اسيمبلي ۾ بجيٽ تي ڪيترو بحث ٿيو آهي، ڪيترن ماڻهن بحث ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تائين عوام تي 5 کان 7 هزار ارب رپين جي اضافي قرض جو بار وڌو ويندو، اڄ سڀ کان وڏي ضرورت آهي ته اسان پنهنجي آمدني وڌائڻ جا ذريعا ڳوليون.  هن چيو ته بجيٽ ذريعي اوليتون مقرر ڪيون وينديون آهن پر اڄ هر وزارت جي سپليمينٽري گرانٽ رکي وئي آهي.  سندس چوڻ هو ته بجيٽ خسارو 3500 ارب آهي، هي حڪومت رڳو عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ڪري سگهي ٿي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے