Home / شوبز / فلم خوبصورت ۾ گڏ ڪوبه بالي ووڊ اداڪار ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو: سونم ڪپور

فلم خوبصورت ۾ گڏ ڪوبه بالي ووڊ اداڪار ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو: سونم ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته فلم(خوبصورت) ۾ مون سان  گڏ بالي ووڊ جو ڪوبه اداڪار ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو جنهن سبب پاڪستاني اداڪار فواد خان جي چونڊ ڪئي وئي آهي. ڀارتي نيوز سائٽ هندوستان ٽائيمز جي رپورٽ موجب اداڪاره هڪ انٽرويو ۾ بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي ڪيريئر ٺاهڻ دوران ڪڙي يادن جو ذڪر ڪندي انڪشاف ڪيو ته اداڪاره بنجڻ  جي لاءِ مون وڏي محنت ڪئي آهي. اداڪاره چيو ته ڇو ته آئون بالي ووڊ جي مشهور اداڪار انيل ڪپور جي ڌيءَ آهيان ان لاءِ ماڻهو  منهنجي مٿان ڪوڙا الزام لڳائي تنقيد ڪندا هئا. جڏهن ته ڪنهن کي اها به خبر نه هوندي  هئي ته مون کي پنهنجي فلم(ساوريا) ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي دفعا آڊيشن ڏيڻي پوندي هئي. سونم ڪپور ٻڌايو ته مون فلم(دهلي 6) جي لاءِ به آڊيشن ڏنو هو ايستائين جو فلم خوبصورت سائين ڪئي ته ڪوبه بالي ووڊ جو اداڪار مون سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هن چيو ته سمورن اداڪارن مون کي فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو هو. ڇو ته فلم جو نالو خوبصورت هو ۽ ڪهاڻي ڇوڪري تي بڌل هئي. اهوئي سبب هو ته پاڪستاني اداڪار فواد خان جي چونڊ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ اوهان ڏٺو ته ڪيئن فواد خان هڪ وڏو اداڪار بڻجي ويو ڇو ته هن جي اندر اعتماد هو. هن چيو ته فواد خان ۽ منهنجي جوڙي سڀني مداحن کي تمام گهڻو پسند آئي ۽ انهن اداڪار فواد خان جي اداڪاري جي به تعريف ڪئي آهي.  ياد رهي ته سپر اسٽار فواد خان 2014 ۾ بالي ووڊ فلم(خوبصورت) ۾ ڊيبيو ڪيو هو جنهن ۾ مرڪزي اداڪاره سونم ڪپور هئي. جنهن کان پوءِ فواد خان فلم(ڪپور اينڊ سنز) ۽ (اي دل هي مشڪل) ۾ به پنهنجا جلوا ڏيکاريا هئا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميلفسنٽ 2 جي ميڪنگ دوران کيس ڏکئي وقت کي منهن ڏيڻو پيو: اينجلينا

لنڊن (شوبز نيوز) مشهور هالي ووڊ اداڪارا اينجلينا جولي چيو آهي ته کيس ميلفسنٽ 2 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے