نڪور خبرون
Home / رانديون / آءِ او سي پاران پاڪستاني شوٽرز کي ويزا نه ڏيڻ تي ڀارت خلاف پابندين جو فيصلو

آءِ او سي پاران پاڪستاني شوٽرز کي ويزا نه ڏيڻ تي ڀارت خلاف پابندين جو فيصلو

برن(اسپورٽس نيوز)آءِ او سي پاڪستاني شوٽرز جي ٽيم کي ويزا نه ڏيڻ تي ڀارت خلاف سخت پابندين جو فيصلو ڪيو آهي.ڀارت کي پاڪستان سان دشمني ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بعزتي ڪرائڻي پئجي وئي، ڀارت ۾ جاري شوٽنگ ڪپ ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ ڀارتي حڪومت 65 ڏينهن تائين انتظار ۽ واعدن جي باوجود 3 رڪني پاڪستاني ٽيم کي ويزا نه ڏني جڏهن ته ان حوالي سان پاڪستان اولمپڪ ايسوسئيشن ۽ پاڪستان شوٽنگ فيڊريشن آءِ او سي کي لڳاتار باخبر ڪندي رهي.ايگيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڀارتي حڪومت جي رويي کي اولمپڪ چارٽر جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو ۽ ايونٽ جي اولمپڪس 2020ع جي لاءِ ڪواليفيڪشن حيثيت ختم ڪئي وئي.اهو به فيصلو ڪيو ويو ته جيستائين انڊيشن اولمپڪ ڪميٽي پنهنجي حڪومت طرفان سمورن ملڪن جي رانديگرن کي ويزا ڏيڻ جو لکت ۾ اطلاع پيش نه ٿي ڪري، مستقبل ۾ ڪنهن به انٽرنيشنل ايونٽ جي ميزباني لاءِ ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان خلاف سيريز کانپوءِ سريلنڪن ٽيم وطن واپس رواني

لاهور (شوبز نيوز) محبتن جا گل گڏ ڪري سريلنڪن ٽيم وطن واپس رواني ٿي وئي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے