نڪور خبرون
Home / رانديون / ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽيم جا ست رانديگر تبديل ٿيندا: شعيب اختر

ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽيم جا ست رانديگر تبديل ٿيندا: شعيب اختر

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته ورلڊ ڪپ 2019ع ختم ٿيڻ تي ٽيم جي ستن رانديگرن کي تبديل ڪيو ويندو. وڊيو پيغام ۾ راولپنڊي ايڪسپريس چيو ته پاڪستان جي هينئر تائين جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، هن جو چوڻ هو ته 1999ع ورلڊ ڪپ کيڏندڙ ٽيم جا ڏهه رانديگر ايندڙ 10 سالن تائين ٽيم ۾ موجود هئا جڏهن ته هاڻوڪي ٽيم جا ست رانديگر اهڙا آهن جيڪي جلد ٽيم مان ڪڍيا ويندا. اسپيڊ اسٽار جو چوڻ هو ته جيستائين اوهان وچ درجي جي ماڻهن کي آڻيندا رهندو وچ درجي جي ڪارڪردگي ئي ڏسڻ لاءِ ملندي، هن چيو ته وچ درجي جي معيار جو شخص ڪڏهن قابل شخص کي پسند ناهي ڪندو ڇو ته هو ان کان بهتر هوندو آهي. گرين شرٽس جي ورلڊ ڪپ ۾ هينئر تائين جي ڪارڪردگي ناقص رهي جتي سرفراز اليون هينئر  تائين جي پنجن ميچن مان صرف هڪ کٽڻ  ۾ ڪامياب رهي آهي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپتان سرفراز احمد کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي: راشد لطيف

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف چيو آهي ته ڪپتان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے