نڪور خبرون
Home / پاڪستان / آصف زرداري جي هٿيارن ۽ اڪثريت وارين ڌمڪين کان نه ٿا ڊڄون: متحده

آصف زرداري جي هٿيارن ۽ اڪثريت وارين ڌمڪين کان نه ٿا ڊڄون: متحده

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) متحدا قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ اسامه قادري چيو آهي ته آصف زرداري جي هٿيارن ۽ اڪٿريت جي ڌمڪي کان نه ٿا ڊڄون. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ اسامه قادري چيو ته آصف علي زرداري ٻڌائي ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي سندس هٿياربند سوچ نه هجڻ ۽ سنڌ ۾ اڪثريت هجڻ جي بيان جو مطلب ڇا هو، هو ٻڌائي ته مرتضيٰ ڀٽو کي ڪنهن قتل ڪرايو، الذوالفقار ٺاهڻ ۽ پاڪستان ٽوڙڻ وارو ڪير هو، آصف زرداري جي ذهن ۾ رهيل هٿيار ۽ اڪثريت جي ڌمڪي کان اسان نه ٿا ڊڄون، اسان آزادي جي جنگ وڙهندڙن جي اولاد آهيون. اسامه قادري جو چوڻ هو ته ملڪ جو ناڻو لٽيندڙ چئي رهيا آهن ته گذريل حساب ڪتاب ختم ڪريو، هاڻ هتي اين آر او گهريو پيو وڇي، انهن ڪرپٽ عنصرن کان قومي ناڻو ڪڍيو وڃي ۽ خاص عدالتن کان درخواست آهي ته انهن ڪرپشن ڪيسن تي تيزي سان فيصلو ڪريو، ملڪ ۾ اسلامي نظام معيشت آندو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے