Home / شوبز / جهانوي ڪپور جو مختصر لباس ڪترينه ڪيف کي پريشان ڪرڻ لڳو

جهانوي ڪپور جو مختصر لباس ڪترينه ڪيف کي پريشان ڪرڻ لڳو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪاره ڪترينه ڪيف چيو آهي ته هو جم ۾ جهانوي ڪپور جي مختصر لباس  هجڻ سبب گهڻو پريشان ۽ فڪرمند هوندي آهي. بالي ووڊ اداڪاره نيها دهوپيا جي چيٽ شو(بي ايف ود ووگ) ۾ شرڪت دوران جڏهن ڪترينه ڪيف کان پڇيو ويو ته ان شخصيت جو نالو ٻڌايو جيڪا جم ۽ ورڪ آئوٽ جي نالي سان حدون اورانگهي رهي هجي.؟ ڪترينه ڪيف ان سوال جو جواب ڪجهه هن طريقي سان ڏنو. ڪترينه ڪيف چيو ته ڪا ٻئي نه پر جهانوي ڪپور جي جم ۾ ننڍو لباس پائڻ تي فڪرمند آهيان هو اڪثر منهنجي جم ۾ ايندي آهي ۽ اسان ٻئي ملي ورزش ڪنديون آهيون. اهائي پريشاني آهي. ياد رهي ته بالي ووڊ جي بار بي ڊول سڏجندڙ ڪترينه ڪيف پنهنجي فٽنس جي حوالي سان تمام گهڻو حساس آهي ۽ هو عاليه بهٽ سميت ڪيترين ئي ٻين اداڪارائن کي  فٽنس جي حوالي سان  نسخا به ڏيندي رهندي آهي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهره خان پناهيگيرن جي عالمي ڏينهن تي آگاهي مهم جو حصو بڻي

اسلام آباد(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ماهره خان پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے